ڪراچي (پ.ر) سنڌ صدين کان سنڌين جو وطن آھي.سنڌ تي هميشه ڌاريا حملي آور ٿيا پر انهن کي هميشه ڌرتي جي نمڪ حلال پٽن شڪست ڏيئي پنهنجي ڌرتي ماتا جي حفاظت ڪئي.هاڻي به سنڌ ورهائڻ جي گهر ڪندڙن جي سازش کي ڌرتي جا حلالي پٽ ناڪام بنائي ڇڏيندا. اردو ميڊيا جي اشاري تي سوشل ميڊيا تي سنڌ ورهائڻ لاء مهم هلائيندڙن کي ناڪامي پلئي پوندي. اهڙو اظھار سنڌ نيشنل پارٽي جي چيئرمين شادکوسو.الطاف مهر.ڊاڪٽر مجاهد اعواڻ.غلام رسول مارفاڻي.احمد سومرو. انور مغل. ماجد سيال ۽ ٻين پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو. هنن وڌيڪ چيو ته سوشل ميڊيا تي سنڌ ورهائڻ جي گهر يا ڪراچي ۽ سنڌ جي جدا جدا تشريح ڪرڻ واري سازش ۾ اردو ميڊيا ملوث آھي. اردو ميڊيا هميشه سنڌ دشمنن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آھي.سوشل ميڊيا تي ڪراچي ۽ سنڌ واري هلندڙ مهم پويان به اردو ميڊيا جو هٿ آھي. اردو ميڊيا جي اهڙي روش جي مذمت ڪجي ٿي. هنن وڌيڪ چيو ته ان مهم هلائڻ ۾ اردو ميڊيا ۾ ويٺل لساني سوڇ رکندڙ ٽولي جو هٿ آھي.جيڪي هڪ ڀيري ٻيهر ڪراچي ۾ لسانيت جي بنياد رت جي حولي وهائڻ چاهين ٿا پر اسين لساني سوچ رکندڙ ٽولي جي اهڙي سازش کي ڪنهن به ريت ڪامياب ٿيڻ ڪون ڏينداسين. هنن چيو ته اسان هميشه اردو ڳالهائيندڙ سميت سموريون ٻوليون ڳالهائيندڙن جي ٻولين جو بي حد احترام ڪيو آھي ۽ آئنده به احترام ڪنداسين. اسين ڪنهن به ٻولي ڳالهائيندڙ نه پر لسانيت ڦھلائيندڙ سوچ جي خلاف آھيون.هنن چيو ته اسين سنڌ دوست ڌرين کي اپيل ڪريون ٿا ته اهي اردو ميڊيا جي بائڪاٽ جو اعلان ڪن.