تعليم کاتي سنڌ پاران نئين تعليمي سال ۾ علم جي روشني کي جهر جهنگ ڦھلائڻ جو عزم

ملير(رپورٽ: سيدصابرشاھ) تعليم کاتي سنڌ پاران نئين تعليمي سال ۾ علم جي روشني کي جهر جهنگ ڦھلائڻ جو عزم ڪيو ويو آھي سيڪريٽري تعليم اقبال دراني, سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمين آغا سهيل ۽ ٻين آفيسرن ملير ۾ نئين تعليمي سال جي حوالي سان سرڪاري اسڪولن ۾ نئين داخلا مهم ۽ ٻارن کي مفت ڪتاب ڏيڻ واري تقريب جو افتتاح ڪيو، جنهن بعد سيڪريٽري تعليم ۽ ٻين ملير جي مختلف علائقن رزاق آباد ۽ پپري جي اسڪولن جو دورو ڪيو ۽ نئين تعليمي سال لاءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڪتابن جو مڪمل ڪورس پڻ ڏنو، ميڊيا سان ڳالهائيندي اقبال دراني چيو ته نئين تعليمي سال کي ان عزم سان ملهائي رهيا آھيون ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تعليم کي عام ڪيو ويندو ۽ ھر هڪ ٻار کي تعليم جي روشني سان جرڪايو ويندو، سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن جي وڌ ۾ وڌ داخلا ڪرائڻ لاء مهم هلائي ويندي جهنجي شروعات اڄ ملير کان ڪئي آھي، هن چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ سموريون سهولتون مهيا ڪنداسين، مون هن ڀيري اي ڊي پي جون 116 اسڪيمون ختم ڪرائي 4 هزار 5 سو 60 اسڪولن کي سليڪٽ ڪري فرنيچر، واش روم سميت سموريون سهولتون ڏينداسين ۽ 6 هزار استاد ڀرتي ڪرڻ لاء ايس اين ئي پڻ منظور ڪئي وئي آھي،  والدين اسان تي اعتماد ڪن، پنهنجن ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائن، اقبال دراني وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت تعليم کي عام ڪرڻ لاء عملي قدم کنيا آھن، سنڌ ۾ تعليم جو معيار بهتر آھي،  بند پيل اسڪولن کي کوليو ويو آھي، جن اسڪولن ۾ استاد گهٽ آھن انهن اسڪولن ۾ وڌيڪ استاد مقرر ڪيا ويندا، هن چيو ته استادن سان گڏ والدين جي به ذميواري آھي ته ٻارن کي بهتر تعليم سان گڏ بهترتربيت به ڪن، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمين آغا سهيل چيو ته ڪتابن جي ڇپائي ۾ ھر طرح جو خيال رکيو ويو آھي، پهريون ڀيرو بهترين ڪوالٽي جا ڪتاب ڇپايا ويا آھن جنهن ۾ غلطي جي ڪابه گنجائش نه رکي ويئي آھي، هن چيو ته ڪتابن ۾ دير ان ڪري ٿي آھي جو ڪتابن جي ڪوالٽي بهتر ڪرڻ ۾ ٽائم لڳو، انشاء الله هفتي اندر سمورن اسڪولن ۾ ڪتاب پهچي ويندا، والدين ٻارن کي اسڪول وٺي اچن ته جيئن سڄي سنڌ ۾ تعليم کي عام ڪري سگهجي، ان موقعي تي ڊائريڪٽر ڪراچي لبنا صلاح الدين، ڊائريڪٽر سيڪنڊري حامد ڪليم، ڊي او ذوالفقار نظاماڻي، جميل اختر، عذرا سومرو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، آيل مهمانن کي اجرڪ ۽ ٽوپي پارائي وئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *