اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڀارت حق گهرندڙ ڪشميرين کي دٻائڻ چاهي ٿو. هلندڙ هفتي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج سرچ آپريشن جي نالي تي اننت ناگ، شوپيا ۽ پلوامه ۾ معصوم ماڻهن تي گوليون هلايون ۽ بعد ۾ جنازن ۾ شريڪ ماڻهن تي پيلٽ گنن سان فائر ڪيا، انهن واقعن ۾ 19 بي گناهه ڪشميري شهيد جڏهن ته 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن. وفاقي ڪابينا طرفان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي بربريت جي خلاف 6 اپريل تي يوم يڪجهتي ڪشمير ملهائڻ جي اعلان تي سڄي ملڪ ۾ يوم يڪجهتي ڪشمير ملهايو ويو جنهن تحت احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون. يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي وزير اعظم پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڀارت حق گهرندڙ ڪشميرين کي دٻائڻ چاهي ٿو، معصوم ڪشميرين تي ظلمن جي تازي لهر ڀارتي بربريت جي نئين مثال آهي، پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي منظم رياستي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو.