اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر ممنون حسين چيو اهي ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو خاتمو رڳو طاقت جي استعمال سان نٿو ڪري سگهجي پر ان لاءِ ضروري آهي ته زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي جامعه حڪمت عملي جوڙي وڃي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جون ڪاميابيون تاريخي آهن ٻيا ملڪ پاڪستان جي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ تجربن مان فائدو وٺي سگهن ٿا صدر اها ڳالهه اسلام آباد ۾ نيشنل ڪائونٽر ٽرريزم اٿارٽي جي اهتمام هيٺ بين الاقوامي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي ان موقعي تي پارليامينٽ ميمبر پاڪستان ۽ پاڪستان کان ٻاهران آيل ماهرن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي تقريب کي احسن اقبال به خطاب ڪيو. صدر چيو ته گذريل ٽن ڏهاڪن دوران عالمي ۽ علائقائي صورتحال جيڪو رخ اختيار ڪيو پاڪستان سڌي طرح ان جو نشانو بڻيو پر انهن حالتن ۾ پاڪستان جنهن حمت ۽ عزم سان ڪم ورتو ان جو مثال تاريخي آهي هن چيو ته انتهاپسندي ۽ ان جي نتيجي ۾ جنم وٺندڙ دهشتگردي ڪوئي ننڍڙو مسئلو نه آهي پر ان جا نهايت سياست سماجي ۽ نفسياتي سبب آهن جن کي ڪجهه انتظامي قدمن يا طاقت سان حل نٿو ڪري سگهجي هن چيو ته دهشتگردي جهڙي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري اهي ته متاثر علائقا معاشري جي سياسي سماجي معاشرتي ۽ مذهبي حوالن جو نهايت سنجيدگي سان جائزو وٺڻ کان پوءِ مسئلي کي سمجهي ان جي حل لاءِ اپاءُ ورتا وڃن ته ان جا بهتر نتيجا نڪرندا.