دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان کٽي ويو، دنيا هارائي ويئي: وزيراعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان کٽي ويو دنيا هارائي ويئي وڏين قربانين سبب اڄ پاڪستان محفوظ ملڪ آهي عالمي برادري ڪشمير جو مسئلو سمجهي ۽ حل ڪري 70 سالن کان ڪشمير جو مسئلو آهي ۽ ان جو واحد حل گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن تي عمل جي ذريعي ئي ممڪن آهي اسان پنهنجي سرزمين تي دهشتگردن کي شڪست ڏني جنهن کي دنيا تسليم ڪري دهشتگردي خلاف هزارين ماڻهو شهيد ٿيا پاڪستان کان سواءِ ڪائي نه آهي جنهن جي ٻن لکن کان وڌيڪ فورسز دهشتگردي خلاف جنگ ۾ حصو ورتو پهريون ڀيرو 1800 عالمن جهاد جي معنيٰ ۽ خودڪش حملن تي فتويٰ ڏني پاڪستان کان وڌيڪ ڪوبه ملڪ افغانستان ۾ امن جو خواهشمند نه آهي پاڪستان پهريون ڀيرو افغانستان جي سرحد تي ڪنديدار تارون لڳائڻ شروع ڪيون اسلام آباد ۾ انٽرنيشنل دهشتگردي ٽوڙ واري فورم کي خطاب ڪندي پاڪستان دهشتگردي خلاف وڏي قيمت ادا ڪئي معاشي نقصان برداشت ڪيا دهستگردي جنگ ۾ بينظير جهڙي سياستدان سميت قيمتي جانيون وڃايونسين هن چيو ته اي پي ايس سانحي سان دهشتگردي خلاف جنگ نئون رخ اختيار ڪيو ڪوئي هڪ ملڪ ناهي جنهن پنهنجن وسيلن سان دهستگردي خلاف جنگ وڙهي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ متحد رهياسين ۽ قومي لائحه عمل اختيار هن چيو ته ضرب عضب، ردالفساد ۽ ٻيا آپريشن شهرن ۽ سرحدي قبائلي علائقن ۾ ڪيا ويا اسان پنهنجي سرزمين تي دهشتگردن کي شڪست ڏني ۽ دنيا ان کي تسليم ڪري.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *