نئون ديرو(رپورٽ؛عبدالله ميراڻي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني چيئرمين قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 39 ورسي نهايات عقيدت ۽ احترام سان ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ ملهائي وئي،. پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پ پ شهيد ڀٽو پاران الڳ الڳ پروگرام ڪيا ويا، هن ڀيري منجهند جو پ پ شهيد ڀٽو جو جلسو ٿيو، جنهن کي پارٽي چيئرپرسن ميڊم غنويٰ ڀٽو ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو، انتظامي طور تي هن ڀيري پ پ پاران جلسي کي هڪ ڪلاڪ دير سان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ جلسو 5 وڳي ڌاري شروع ڪيو ويو جيڪو نائين وڳي ڌاري ختم ٿيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي عقيدت جي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪرڇ کان شهيد ڀٽو جا عقيدتمند، جيالا قافلن جي صورت ۾ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچي ويا،جڏهن ته پ پ پاران جلسي گاهه ويجهو شاميانه لڳايا ويا آهن ته جيئن ورسي ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهو گرمي کان بچي سگهن. جلسي کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ڪو چيئرمين آصف علي زرداري، پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو، ايم اين اي فريال ٽالپر ۽ ٻيا مرڪزي توڙي صوبائي اڳواڻن خطاب ڪيو،. هوڏانهن پيپلز پارٽي طرفان لاڙڪاڻي شهر جي جناح باغ چوڪ، العباس چوڪ ۽ شهر جي مختلف هنڌن تي استقبالي ڪئمپون پڻ لڳايون ويون هيون، جن تي شهيد ڀٽو جا گيت گونجي رهيا هئا، جڏهن ته شهر جي مختلف رستن تي پي پي طرفان پارٽي جا جهنڊا بينر لڳايا ويا آهن. ڳڙهي خدا بخش ڀٽو کي جهنڊن ۽ بينرن سان سينگاريو ويو آهي. هوڏانهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن انتظامن کي آخري شڪل ڏيڻ لاءِ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عبدالله شيخ ۽ ايس ايس پي تنوير احمد تنيو ۽ مختلف ضلعن جا ايس ايس پي ۽ پوليس عملدارن سان ميٽنگيون ڪري سيڪيورٽي جو پلان جوڙيو ويو ته جيئن جلسي ۾ ڪو اڻ وڻندڙ واقعو پيش نه اچي سگهي. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عبدالله شيخ صحافين کي ٻڌايو آهي ته ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن تي وڏي تعداد ۾ پوليس نفري مقرر ڪئي وئي آهي، جلسي گاهه جي سڪيورٽي سخت ڪندي 6 هزار 9 سئو پوليس اهلڪار 28 ايس ايس پيز 85 اي ايس پي ۽ ڊي ايس پي، 700 ٽريفڪ جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. هن چيو ته پارڪنگ جي لاءِ 94 ايڪڙن جي مشتمل 5 پارڪنگ لاٽس جوڙيا ويا آهن. جڏهن ته واڪ ٿرو گيٽ، 200 سرچنگ ٽيمون پڻ مقرر ڪيون ويون آهن، شرڪت لاءِ ايندڙ سمورن ماڻهن کي واڪ ٿرو گيٽ ذريعي گذاريو ويندو. جڏهن ته روڊن تي ڪنهن به قسم جي ٽرانسپورٽ بيهارڻ جي اجازت نه هوندي. هوڏانهن قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسيءَ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو پاران ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ منجهند جو جلسو ٿيندو، جنهن کي شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن محترمه غنويٰ ڀٽو، سنڌ جو صدر علي احمد پليپوٽو، پنجاب جو صدر ابرار اعظم، آزاد ڪشمير جو صدر سيد منير شاهه، سليم شاهه ۽ سينٽرل ڪاميٽي جا ميمبر خطاب ڪندا، جلسه عام منجهند تائين جاري رهندو. جڏهن ته پ پ شهيد ڀٽو طرفان شهر جي مختلف روڊن رستن کي پارٽي جي جهنڊن ۽ اڳواڻن جي تصويرون سان سينگاريو ويو هو. پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان هڪ وڏو جلسو اڄ 4 اپريل تي منجهند جو 2 وڳي کان بعد شروع ڪيو ويندو.033041