ملير(رپورٽ: سيدصابرشاھ) سنڌ سان محبت ڪرڻ جي ڪري قومي سوچ ۽ درد رکندڙ سنڌ دوست قومي ڪارڪنن جي خلاف رڻ ٻاريو ويو آهي، عزيزالرحمان شيخ جي گهر تي رتوديرو ۾ انتظاميا طرفان جسقم جا جهنڊا لاهڻ خلاف احتجاج ڪرڻ ۽ جهنڊا هڻڻ ڪري ڇڙهايون ڪيون پيو وڃن، پرامن ۽ سياسي جدوجهد ڪندڙ قومي ڪارڪنن جي رستا روڪ ڪري سنڌ کي انتهاپسندي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار جيئي سنڌ قومي محاذ جي چئيرمين صنعان خان قريشي ملير پريس ڪلب ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو تنوير تنيو مختلف ٿاڻن جي پوليس جسقم ضلعي لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري عزيزالرحمان شيخ جي گهر تي چڙهائي ۽ چوڌيواري جو تقدس پئمال ڪرڻ جي مذمت ڪيون ٿا، ڪجھ ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي ۾ جسقم جي مرڪزي ڪلچرل سيڪريٽري ڏاڏو اطهر سومرو جي گهر تي چڙهائي ڪئي وئي، جساف ضلع ٽنڊومحمد خان جي صدر صوفي حامد کي گرفتار ڪري گم ڪيو ويو آهي، قومي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ تي رکي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ۽ بندوق جي زور تي قومي ڪارڪنن کي سنڌ جي قومي تحريڪ کان عليحدگي اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي ۽ سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ۽ قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪري ۽ ماريو پيو وڃي، هن چيو ته سنڌ دوست سياست جي رستا روڪ ڪئي پئي وڃي اسان جي قومي اشوز کي ٻڌڻ بجاءِ اسان کي دٻايو پيو وڃي، هن چيو ته سي پيڪ جي مخالفت ڪرڻ بجاءِ اسين ان ۾ سنڌ جي جائز حقن جي ڳالھ ڪيون ٿا، اسين سائين جي ايم سيد جي فڪر عدم تشدد تي يقين رکندي شهيد بشيرخان قريشي جي اختيار ڪيل جدوجهد جي طريقي مطابق پرامن سياسي جدوجهد ڪري رهيا آهيون، جسقم چئيرمين صنعان قريشي وڌيڪ چيو ته سڄي سنڌ ۾ قومي ڪارڪنن جي گهرن تي چڙهايون بند نه ڪيون ويون ته سخت احتجاج ڪنداسين ۽ سڄي سنڌ ۾ ڌرڻا هڻي احتجاجي تحريڪ هلائينداسين، ان موقعي تي ڪيهرانصاري، ڏاڏو اطهر سومرو، عزيزالرحمان شيخ ۽ ڊاڪٽررياض ميراڻي پڻ موجود هئا.