ڀارت انساني حقن جي چارٽر کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته ڀارت طرفان معصوم ڪشميرين جو قتل عام انساني حقن جي چارٽر جي ڀڃڪڙي آهي. هڪ بيان ۾ ڊاڪٽر فيصل چيو ته والاريل ڪشمير ۾ وحشياڻو ۽ المناڪ ڏينهن آهي، معصوم ڪشميرين تي ڀارتي قابض فورسز جا ظلم جاري آهن. هن چيو ته ڀارت انساني حقن جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا آهن ۽ ڪشمير رتورت آهي. سندس چوڻ هو ته ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ هڪ ڏينهن دوران 14 ڪشمير شهيد ٿيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته قابض فوج طرفان معصوم ڪشميرين جو قتل عام جاري آهي جنهن جي نتيجي ۾ انساني حقن جو چارٽر مذاق بڻجي ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *