ڪراچي(م ڊ) سپريم ڪورٽ آغا خان اسپتال جي چيف ايگزيڪٽو ڊاڪٽر هنس ۽ ڊاڪٽر بابر نقوي کي حڪم ڏنو ته هو پنهنجي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهي جيڪي ٿرپارڪر ۾ ٻارڙن جي موت جي جاچ ڪري مهنيي جي اندر رپورٽ پيش ڪريو. جڏهن ته چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ صحت کاتي جي سيڪريٽري کي فوري سهولتون ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار ،جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس سجاد علي شاهه تي ٻڌل ثي رڪني بئنچ مٺي ٿرپارڪر ۾ پنجن ٻارڙن جي موت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران صحت واري سيڪريٽري فضل الله پيچوهو ٻارڙن جي موت بابت رپورٽ پيش ڪئي ۽ ٻڌايو ته گهٽ عمر ۾ شادي ۽ وڌيڪ ٻارڙن جي پيدائش سبب موت ٿي رهيا آهن. جڏهن ته ڊاڪٽر مٺي ۽ ٿرپارڪر جهڙن علائقن ۾ وڃڻ لاءِ تيار نه آهن. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته رپورٽ ڏسي لڳي ٿو ته توهان جو ڏوهه ئي ناهي، لکي جان ڇڏائي ورتي ته گهٽ وزن وارا ٻار مرندا آهن، سنڌ ۾ صحت جا گهڻا مسئلا نظر اچي رهيا آهن، سيڪريٽري صاحب توهان ڪنهن ٻئي کاتي ۾ خدمت لاءِ ڇو نه ٿا وڃو. صحت واري سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته ٻارڙن جا 50 سيڪڙو موت نمونيا ۽ ڊائريا سبب ٿيندا آهن. ايڊووڪيٽ جنرل عدالت ۾ چيو ته مٺي ۾ بهترين اسپتال قائم ڪئي وئي آهي ۽ ٿر ۾ مفت ڪڻڪ ورهائي پئي وڃي. جسٽس سجاد علي شاهه پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته سڀ خبر آهي ته ڪيتري ڪڻڪ مفت ۾ ورهائي وئي، سڀ ڪرپشن جي ور چڙهي وئي آهي. چيف جسٽس چيو ته لاڙڪاڻي اسپتال جي وڊيو ڏسي شرم اچي رهيو آهي، سوچان پيو پاڻ لاڙڪاڻي جو دورو ڪيان. چيف جسٽس عدالت ۾ موجود اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني کي مخاطب ٿيندي چيو ته رضا رباني ويٺو آهي، توهان اسان جي مدد ڪريو، توهان پاڻ ڏسي اچو ته اسپتال ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، گلن جهڙا ٻارڙا والدين کانپوءِ سرڪاري اسپتالن جي رحم ڪرم تي آهن، ٻارڙو اسپتال ۾ داخل ٿيندو آهي ۽ ٿوري بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو آهي، والدين وٽ روئڻ کانسواءِ ڪجهه نه هوندو آهي. چيف جسٽس رضا رباني سان ڳالهائيندي چيو ته مان مداخلت جو تصور نه ٿو رکان، لاڙڪاڻي اسپتال جي وڊيو ڏٺي تمام گهڻو ڏک پهتو، رضا رباني صاحب توهان به وڊيو ڏسو. چيف جسٽس ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کان پڇاڻو ڪيو ته لاڙڪاڻو ڪيترو پري آهي، ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته جهاز ذريعي هڪ ڪلاڪ ۾ لاڙڪاڻي پهچي سگهجي ٿو، چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته ڏسون ٿا ڇا پاڻ لاڙڪاڻي وڃي اسپتال جو جائزو وٺان. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته دوائون فراهم ڪرڻ ڪنهن جو ڪم آهي، سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ انسٽريٽر ڪنهن جي حڪم تي لڳي رهيا آهن. صحت واري سيڪريٽري ٻڌايو ته اهو ڪم ۽ اڳڀرائي توهان جي حڪم تي ٿي رهي آهي، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته پوءِ چون ٿا ته اسان بيوقوف آهيون جو ايگزيڪيوٽو جي ڪم ۾ مداخلت ڪريون ٿا، اسان کي مجبوري ۾ مداخلت ڪرڻي پوندي آهي.عدالت ۾ آغا خان اسپتال جا ڊاڪٽر هنس ۽ ڊاڪٽر بابر نقوي کي چيف جسٽس چيو ته اسان اوهان جا ٿورائتا آهيون ته اوهان عدالت ۾ موجود آهيو. چيف جسٽس چيو ته اوهان کي مڪمل سيڪيورٽي به ڏني ويندي. مٺي ۽ نواب شاهه ۾ ٻارڙن جي موت ڪهڙي طرح ٿي مڪمل جاچ ڪئي وڃي. عدالت مهنيي جي اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي. عدالت ۾ٻارڙن جا والدين به موجود هئا. هوڏانهن سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ نيڪالي جي صورتحال جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي جي دوران ٻن هفتن ۾ ڪراچي مان ڪچرو ختم ڪرڻ ۽ صفائي جي ڪم جي حوالي سان مڪمل رپورٽ گهري ورتي آهي. چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته مون کي محسوس ٿي رهيو آهي ته شهر جي اندر بهتري اچي رهي آهي. چيف جسٽس شهر جي اندر لڳل پنهنجي پوسٽرن کي هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت چيو ته اسان واٽر ڪميشن جي رپورٽ جو جائزو وٺڻداسين. ان موقعي تي چيف جسٽس صحافي مظهر عباس کان پڇيو ته ڇا اوهان سمجهو ٿا ته مان اوورٽيڪ پيو ڪريان، جنهن تي سينئر صحافي مظهر عباس چيو ته جيڪو ڪم حڪومت کي ڪرڻ گهرجي هو اوهان ڪري رهيا آهيو. چيف جسٽس چيو ته اسان جيڪو ڪم ڪرڻ رهيا آهيون اهو عوام جي لاءِ ڪري رهيا آهيون .مظهرعباس چيو ته ڪازساز روڊ نيوي بند ڪري رکيو آهي ان کي کوليو وڃي ته سروس روڊ بحال ٿي سگهي ٿو ۽ ٽريفڪ جو نظام بهتر ٿي سگهي ٿو .چيف جسٽس چيو مان جائزو وٺي کولڻ جو حڪم جاري ڪرايان ٿو. چيف جسٽس چيو ته ڪراچي مان ڪچرو ختم ٿي رهيو آهي ۽ سمنڊ جو ڪنارو به صاف ڪري رهياآهن. ايڊووڪيٽ شهاب اوستو چيو ته ايندڙ مالي سال ۾ ڪراچي کي 260 ملين گيلن اضافي پاڻي ڏنو ويندو. هن چيو ته ڪراچي ۾ منصوبي بندي کان سواءِ عمارت ٺاهڻ جي اجازت ڏني ويندي آهي جنهن ڪري نالن جي صفائي ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي. چيف جسٽس جي حڪم موجب شهر جي اندر پنهنجي پوسٽرن جي هٿائڻ واري حڪم تي عمل ڪندي صدر،آءِ آءِ چندرريگر روڊ ،بزنس روڊ ۽ عبدالله هارون کان پوسٽرن هٿايو ويو آهي.03304