نارووال (م ڊ) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ پاڪستان جي مستقبل جو فيصلو ٿيندو، جيڪڏهن حڪومت متاثر ٿي ته ڳچي جو ڦاهو بڻجي سگهي ٿي. نارووال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ مسلم ليگ ن خلاف سازش ٿي رهي آهي، پاڪستان ۾ سياست ۽ جمهوريت کي هلڻ ڏنو وڃي. هن چيو ته آصف زرداري جي ڪرپشن کانپوءِ ملڪ اسان جي حوالي ڪيو ويو، 2013ع ۾ اسان کي ڦريل لٽيل پاڪستان مليو، ڪجهه سال اڳ پرڏيهي دنيا پاڪستان کي خطرناڪ قرار ڏئي رهيو هو اڄ پاڪستان کي اڀرندي معيشت ڏنو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته اڄ ڪو به پاڪستان کي خطرناڪ ملڪ قرار نه ٿو ڏئي سگهي، پاڪستان جو شمار تيز ترين ترقي ڪندڙ پنجن ملڪن ۾ ٿئي ٿو. احسن اقبال چيو ته اڄ ٻڏندڙ پاڪستان اڀرندڙ پاڪستان بن چڪو آهي، 2013ع ۾ ملڪي معيشت جو ڦيٿو جام هو، اسان اچي معيشت بحال ڪئي، اڄ هٿيارن جو دور ناهي، معيشت ذريعي سلامتي قائم ڪرڻ جو دور آهي. هن چيو ته اربين ڊالرن جون رٿائون مڪمل ٿيڻ جي مرحلي ۾ آهن، ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام پيدا ٿيو ته معيشت ڪريش ڪري ويندي ۽ جيڪڏهن ملڪي معيشت ڪريش ٿي وئي ته سيڙپڪاري برداشت نه ڪري سگهندي. سندس چوڻ هو ته غازي بروٿا کانپوءِ ڪا وڏي آبي رٿا شروع نه ڪئي وئي پهريون ڀيرو ڀاشا ڊيم لاءِ هڪ سو ارب رپين مان زمين خريد ڪئي وئي، 2018ع ۾ ديا مر ڀاشا ڊيم جي اڏاوت شروع ٿي ويندي. احسن اقبال چيو ته ڪي پي ۾ به جلد ڊيم جي اڏاوت شروع ڪئي ويندي. هن چيو ته معيشت مضبوط نه هجي ته هٿيارن جا ڊور لڳائڻ جو ڪو به فائدو ناهي، اسان کي پنهنجي معيشت مضبوط ڪري ملڪ کي مقابلي لاءِ تيار ڪرڻو آهي.