وسيلن جي درست ورهاست نه ٿيندي ته وفاق ڪمزور ٿيندو. اسان وسيلن جي گهٽتائي کي منهن ڏئي رهيا آهيون؛وڏو وزير

ڪراچي (هه آ)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس حڪومت هاڻ انرجي، پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ، علاقائي ترقي ۽ عدم مساوات ۾ گهڻتائي تي وڌيڪ ڌيان ڏئي رهيا آهيون. هن اها ڳالهه اربع ڏينهن مقامي هوٽل ۾ سنڌ ڊولپمينٽ فورم 2018ع جنهن جو عنوان ”سنڌ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ شراڪت“ هو. جنهن جو اهتمام صوبائي رٿابندي ۽ ترقي واري کاتي ڪيو هو کي خطاب ڪندي ڪئي. ان فورم ۾ جن شعبن تي سوچ ويچار ڪيو ويو انهن ۾ تعليم، غربت جي خاتمي، زراعت ۽ فوڊ سڪيورٽي، صحت، پبلڪ فنانس مئنيجمنٽ، پاڻي، صفائي، ميونسپل سروسز، خوراڪ، توانائي، انفرااسٽريڪچر ۽ معيشت جو فروغ شامل هئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي گذريل وفاقي ۽ صوبائي حڪومت وارو دور امن، خوشحالي ۽ ترقي جو دور هيو. هن چيو ته جڏهن اسان حڪومت سنڀالي ته اسانکي ڪيترن ئي چئلنجن جن ۾ امن امان، عدم مساوات، غربت ۾ اضافو ۽ ڪمزور فيڊريشن جهڙن چئلنج شامل هئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته وسيلن جي درست ورهاست نه ٿيندي ته وفاق ڪمزور ٿيندو. اسان وسيلن جي گهٽتائي کي منهن ڏئي رهيا آهيو، جنهن جي واڌ لاءِ اسانکي موئثر رٿابندي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسانجي وفاق ۽ صوبي ۾ حڪومت ترقي ۽ خوشحاليءَ واري حڪومت هئي. اسانکي سڀ کان وڏو چيئلنج دهشتگردي هو، دهشتگرديءَ ڪارڻ ملڪ مان سيڙپڪاري منقتل ٿيڻ شروع ٿي. اسان دهشتگرديءَ جو انت آندو ۽ سيڙپڪاريءَ وارو ماحول ٻيهر بحال ڪيو. وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ اپاءَ ورتا آهن ته جيئن ڪاروباري ماحول بهتر ٿي سگهي ۽ اهو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن امن امان جي صورتحال بهتر هوندي ته ڪاروباري ماحول به بهتر ۽ سازگار هوندو۔ هن چيو ته ٿر ڪول پروجيڪٽ جيڪو ختم ڪيو ويو هو ان کي ٻيهر بحال ڪيو ۽ اڄ سي-پيڪ جو سڀ کان وڏو ۽ اهم پروجيڪٽ ٿرڪول پاور پلانٽ آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪراچي پرامن آهي ته سڄو ملڪ پرامن رهندو ۽ ترقي ڪندو. جيڪڏهن گوادر پروجيڪٽ کي ترقي ڏيارڻي آهي ته ڪراچيءَ کي ترقي ڏيڻي پوندي. دهشتگرديءَ سبب غربت ۾ به اضافو ٿيو. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام غربت کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وڏي وزير چيو ته اسان سوشل سيڪٽر ۾ اهم ڪم ڪيو ۽ غربت جي خاتمي لاءِ اسان ڪميونٽي ڊولپمينٽ ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪئي. هن چيو ته اسان جا پروگرام هاڻ ٻيا صوبا به اپنائي رهيا آهن. اسان يورپين يونين جي سهڪار سان غربت جي خاتمي جو پروگرام شروع ڪري رهيا آهيو. اسان مضبوط وفاق ۾ يقين رکون ٿا. هن چيو ته وسيلن جي صحي ورهاست نه ٿيندي ته وفاق ڪمزور ٿيندو. اسان هن وقت پنهنجن وسيلن کي وڌائي رهيا آهيون. سيد مراد علي شاهه چيو ته پي پي پي موڊ تحت سنڌ حڪومت اهم رٿائون شروع ڪيون آهن. هن وقت ٿر ۾ ڪول مائننگ جو ڪم 75 سيڪڙو مڪمل ڪيو ويو آهي. اسان ٿر ۾ ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ واري ڪم ۾ ورلڊ بينڪ جي ماحولياتي گائيڊ لائين تي عمل ڪري رهيا آهيون. اسان سولر، ڪول ۽ ونڊ انرجي تي پڻ وڏي پئماني تي ڪم ڪري رهيا آهيون. اسانکي وسيلن جي گهٽتائي جو مسئلو آهي اسانکي کي پنهجا وسيلا وڌائڻ لاءِ جامع رٿابندي ڪرڻي پوندي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت پي پي پي موڊ تحت رٿائن جهڙوڪ روڊن جا اهم منصوبا، ٿرڪول فيلڊ تائين روڊ، سنڌو درياهه تي جهرڪ-ملان ڪاتيار پُل، حيدرآباد-ميرپورخاص روڊ (ٻن قطارن وارو)، پي پي ايڇ آءِ، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن وغيره شامل آهن جن کي سنڌ ۾ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت فروغ ۽ توسيع ڏني وئي. هن چيو ته اڄ ان فورم ۾ جيڪي سفارشون پيش ڪيون ويون آهن اسان انهن تي ڪم ڪنداسين. انهيءَ کان اڳ فورم جو اڄ اربع ڏهاڙي جي صبح ٽن سيشن تحت آغاز ٿيو. پهرين سيشن ۾ جيڪي نڪتا گروپ ڊسڪشن لاءِ ورتا ويا انهن ۾ اسٽيٽ آف پلي، ڪاميابي ۽ اڄ جا چئلنج (جن تي ڪم ڪيو ويو ۽ جن تي ڪم ناهي ڪيو ويو)، ترقيءَ لاءِ مددگار ترجيحون شامل هئا. ٻي سيشن جو مقصد ويجهي مستقل ۾ گڏيل حڪمت عملي ۽ سهڪار لاءِ  شعبن جي ترقي. ان سيشن سوچ ويچار لاءِ اهم نڪتن ۾ ترقيءَ جا چئلنجن جو حل ۽ ايندڙ پنج کان ڏهن سالن ۾ تعاون ۽ گڏيل حڪمت عملي جي نشاندهي شامل هئا. ٽئين ۽ آخري سيشن ۾ گروپ جي صورت ۾ جن شعبن تي سوچ ويچار ڪيو ويو انهن ۾ سيڪٽر جي حساب سان ترجيحن ۽ سهڪار تي پنج منٽن جي پريزنٽيشن ذريعي سوچ ويچار ڪئي وئي. سنڌ ڊولپمينٽ فورم 2018ع ۾ مختلف ڊونر ايجنسين جا 29 ڪنٽري هيڊز شرڪت ڪئي. رٿابندي ۽ ترقي واري وزير سعيد غني شرڪت ڪندڙ جي آجيان ڪئي جڏهن ته چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم سنڌ ڊولپمينٽ فورم جي انعقاد جي مقصدن تي روشني وجهندي چيو ته اها ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ ڏانهن ويندڙ سنڌ جي شروعات آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *