لاهور (م ڊ) پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته نواز کي ڇڏيو ويو ته هر شخص کي ڪرپشن ۽ پئسو ٻاهر کڻي وڃڻ جو جواز ملي ويندو، بلاول ڀٽو سان گڏ نڪرنداسين، عوام اسان جو ساٿ ڏئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت وارو ڏهاڙو ملهائڻ جي حوالي سان ٿيل اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته اڄ پاڪستان ۾ آئيني ادارا ميثاق جمهوريت سبب آهي، پ پ 92 سيڪڙو ميثاق جمهوريت تي عمل ڪيو، 8 سيڪڙو عمل نواز شريف جي ڪري نه ٿي سگهيو. هن چيو ته نواز شريف هاڻ سينيٽ چيئرمين کي گهٽ وڌ ڳالهائي رهيو آهي، رڳو اهو ايوان ئي بچيل هو هاڻ ان کي به گاريون ڏنيون پيون وڃن، سينيٽ ۾ ن ليگ اميدوار کٽي ها ته انهن کي سڀ شفاف نظر اچي ها. قمر زمان ڪائرا چيو ته تڪ بندين تي اسان سميت سڀني پارٽين کي اعتراض آهي، اسان پنهنجا اعتراض اليڪشن ڪميشن ڏانهن کڻي وڃي رهيا آهيون، تڪ بنديون درست ڪيون وڃن ته جيئن چونڊون وقت تي ٿي سگهن. سندس چوڻ هو ته عوام جو وڏو انگ پ پ ۾ شامل ٿي رهيو آهي، مسئلن جو حل رڳو پ پ وٽ آهي.27