گڏيل عرب امارات پاڪستان کي معاشي ترقي جي شعبي مدد فراهم ڪري رهيو آهي: صادق سنجراڻي

اسلام آباد (اين اين آءِ) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پارليامان ملڪ جو چهرو آهي ۽ هو پاڪستان ۽ گڏيل عرب اماراتن وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهندو، سينيٽ چيئرمين اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل عرب اماراتن جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي سان سومر تي پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو، هن چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب اماراتن جا ماڻهو گڏيل قدرن، مذهبي رشتي ۽ سماجي خيالن يج ٻڌڻن ۾ ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن نه رڳو انٽرنيشنل سطح تي هڪٻئي سان سهڪار ڪيو آهي پر ترقي جي گڏيل ايجنڊا تي به عمل ڪري رهيا آهن، هن چيو ته گڏيل عرب امارتن ۾ لکين پاڪستاني ترقي واري عمل جو حصو آهن، جڏهن ته گڏيل عرب امارتون به پاڪستان کي معاشي ترقي ۽ سماجي ڀلائي وارن شعبن ۾ معاونت فراهم ڪري رهيون آهن، هن گڏيل عرب امارتن جي عملدارن تي زور ڀريو ته اهي وڌيڪ پاڪستانين کي روزگار جا موقعا فراهم ڪن ۽ خاص ڪري 2020 ايڪسپو ۾ انهن جي خدمتن مان فائدو حاصل ڪن، سينيٽ چيئرمين چيو ته هو پارلياماني لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ گڏيل عرب امارتن جي مشاورتي ڪائونس جي اسپيڪر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏيندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *