اسلام آباد (اين اين آءِ) آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل چيو آهي ته پي ايس ايل جو فائنل ڪراچيءَ جي روشنين کي وڌيڪ چمڪائيندو. آءِ ايس پي آر جي ٽوئيٽ ۾ هن پي سي بي، پرڏيهي رانديگرن، انتظاميه ۽ پرجوش پاڪستانين جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اسان مٿان مڙهيل دهشتگردي جو خاتمو ٿي رهيو آهي ۽ ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ واري منزل اسان جا پير چمڻ لاءِ تيار آهي، تفصيل موجب پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي جي ڊائريڪٽر جنرل چيو آهي ته پي ايس ايل جو فائنل ڪراچيءَ جي روشنين کي وڌيڪ چمڪائيندو. آءِ ايس پي آر جي ٽوئيٽ ۾ هن پي سي بي، پرڏيهي رانديگرن، انتظاميه ۽ پرجوش پاڪستانين جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اسان مٿان مڙهيل دهشتگردي جو خاتمو ٿي رهيو آهي ۽ ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ واري منزل اسان جا پير چمڻ لاءِ تيار آهي.