ڪراچي ( م ڊ ) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت نقيب الله قتل ڪيس ۾ رائو انوار کي 21 اپريل تائين پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران ڊي ايس پي قمر احمد سميت 10 پوليس اهلڪار عدالت ۾ پيش ڪيا ويا پر رائو انوار کي پيش نه ڪيو ويو. رائو انوار جي عدم پيشي بابت درخواست تي ايس پي جاچ ملير عابد قائمخاني چيو ته رائو انوار کي پيش ڪرڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي. عدالت جاچ آفيسر جي درخواست رد ڪندي حڪم ڏنو ته رائو انوار کي پيش ڪيو وڃي. رائو انوار کي سخت سيڪيورٽي ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت رائو انوار کي 30 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪندي 21 اپريل تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.