سپريم ڪورٽ آءِ جي سنڌ جي تبديلي بابت سنڌ سرڪار جي درخواست رد ڪر ي ڇڏي

لاهور ( م ڊ ) سپريم ڪورٽ سنڌ سرڪار جي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه جي تبديلي بابت درخواست رد ڪندي جديد دور موجب قانونسازي جي هدايت ڪئي . سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽريءَ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه جي بدلي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.  سنڌ سرڪار طرفان فاروق ايڇ نائيڪ وڪيل طور پيش ٿيو. ٻڌڻي جي شروعات ۾ چيف جسٽس چيو ته  اسلام آباد ۾ وقت نه هو تنهن ڪري ڪيس جي هتي ٻڌڻي ڪري رهيا آهيون. فاروق ايڇ نائيڪ پنهنجي دليلن ۾ چيو ته اي ڊي خواجه 21 هين گريڊ جو آفيسر آهي، 22 هين گريڊ تي مقرر آهي، 22 هين گريڊ جو آفيسر اي ڊي خواجه جي ماتحت ڪم ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي چيف جسٽس فاروق ايڇ نائيڪ کان پڇاڻو ڪيو ته اي ڊي خواجه سياسي آقائن جي دٻاءُ ۾ ڪم نه ڪري رهيو آهي تنهن ڪري ته سندس بدلي نه پئي ڪئي وڃي. فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته مان سينيٽ چيئرمين رهي چڪو آهيان، قانون جي ڳالهه ڪيان ٿو، سياسي نه، سنڌ سرڪار کي اي ڊي خواجه جي بدلي جو اختيار آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو پوليس رولز خلاف آهي. چيف جسٽس فاروق ايڇ نائيڪ کي دليل هڪ ڪلاڪ ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي جنهن تي سنڌ سرڪار جي وڪيل دليلن لاءِ ٻن ڪلاڪن جي مهلت طلب ڪئي. دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سنڌ سرڪار جي درخواست رد ڪندي آءِ جي سنڌ جي تبديلي لاءِ جديد دور جي گهرجن موجب قانونسازي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *