نيب ريفرنسز: نواز شريف ۽ مريم جي حاضري کان ڇوٽ بابت درخواست رد

اسلام آباد ( بيورو ) احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ مريم نواز کي هڪ هفتي لاءِ عدالت ۾ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر خلاف نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي ڪئي. نواز شريف ۽ مريم نواز هڪ هفتي لاءِ عدالت ۾ پيشي کان ڇوٽ جي درخواست ڪئي. درخواست ۾ ڪلثوم نواز جو ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ به ڳنڍيو ويو آهي. نيب پراسيڪيوٽر طرفان درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ويو ته نيب نواز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي ميڊيڪل رپورٽ ۾ ڪٿي نه لکي ويو آهي ته سموري خاندان کي لنڊن ۾ موجود رهڻ گهرجي. هن چيو ته ڪلثوم نواز جا ٻئي پت حسن ۽ حسين نواز پهريون ئي لنڊن ۾ آهن، تنهن ڪري نواز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي نواز شريف ۽ مريم نواز جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران پاناما جي آءِ ٽي جي سربراه واجد ضياءَ ايون فيلڊ پراپرٽيز ريفرنس ۾ بيان قلمبند ڪرائيندي چيو ته  طارق شفيع جاچ دوران قطري شهزادي سان ٺاهه ۽ 12 ملين درهم روڪ ڏيڻ جو ذڪر ڪيو. هن ٻڌايو ته اها رقم لنڊن فليٽس جي سيٽلمينٽ لاءِ استعمال ٿي، گڏيل عرب امارات ٻڌايو ته آهلي اسٽيل ملز جي مٽيريل جي دبئي مان سعودي عرب منتقلي جو رڪارڊ ناهي، بي سي آءِ جو قرض ادا نه ڪرڻ تي طارق شفيع کي سزا ٿي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *