لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته ڊاڪٽر ماءُ جي علاج جي سلسلي ۾ صلاح مشوري لاءِ نواز شريف جو انتظار ڪري رهيا آهن. احتساب عدالت طرفان ڇوٽ جي درخواست رد ٿيڻ کان پوءِ مريم نواز ٽوئيٽ ۾ يو ته منهنجي ماءُ جي طبيعت خراب ٿي رهي آهي. ڊاڪٽر سندس علاج جي سلسلي ۾ صلاح مشوري لاءِ نواز شريف جو انتظار ڪري رهيا آهن. مريم نواز چيو ته ماءُ منهنجي ۽ نواز شريف جي انتظار ۾ آهي. ان سلسلي ۾ هن فون تي عدالتي اجازت بابت به پڇيو پر جڏهن عدالتي حڪم جي خبر پئي ته چيائين ته ” اسان جو الله مالڪ آهي“ الله هر بيمار شخص کي پنهنجي حفظ امان ۾ رکي ۽ صحت عطا فرمائي، الله ٻارن تي سندس ماءُ جو پاڇو سلامت رکي ڇو ته ماءُ کان سواءِ گهر قبرستان لڳندو آهي.