ڪراچي(م ڊ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته اڄ مسلم ليگ نون جو ايم پي اي همايون پ پ ۾ شامل ٿي رهيو آهي، جنهن کانپوءِ ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جا ماڻهو به تمام جلد پيپلز پارٽي جو حصو بڻجندا. ڪراچي سٽي ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته هاڻوڪي ڪراچي جي ميئر کان اڳ مصطفيٰ ڪمال ڪراچي جو ميئر رهيو، سندس ناظمي دور ۾ ئي پارڪن جي زمينن تي قبضا ٿيا ۽ چائنا ڪٽنگ جي اصطلاح به هن ئي استعمال ڪئي هئي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم ڪراچي کي برباد ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ناهي ڇڏي، 70 کان 80 ارب رپيا ڏيڻ باوجود ڪراچي جو برو حال برقرار آهي، وسيم اختر ٻڌائي ته سنڌ حڪومت جي پيسن سان ڪيترا نالا صاف ڪرايا آهن؟ سعيد غني چيو ته اڄ مسلم ليگ نون جو ايم پي اي همايون پ پ ۾ شامل ٿي رهيو آهي، جنهن کانپوءِ ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جا ماڻهو به تمام جلد پيپلز پارٽي جو حصو بڻجندا.