ڪراچي(م ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ هڪ خاندان کي شناختي ڪارڊ جاري نه ڪرڻ تي ڊي جي نادرا ۽ ٻين اختيارين کان 30 مارچ تي جواب طلب ڪري ورتو آهي. شناختي ڪارڊ جي منتظر خاندان جي عورت خديجه، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڊي جي نادرا ۽ ٻين اختيارين خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته 2013ع ۾ عدالتي حڪمن باوجود نادرا اختيارين ابو طاهر ۽ سندس خاندان کي شناختي ڪارڊز جاري ناهن ڪيا، جڏهن ته ان عرصي دوران گهر جي سربراهه ابو طاهر فوت ٿي چڪو آهي. عدالت درخواست منظور ڪندي ڊي جي نادرا کان 30 مارچ تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.