ڪراچي (هه آ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪوئلي جي وسيلن سان مالا مال ضلعي ٿرپارڪر کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ٿر فائونڊيشن جي منظوري ڏني آهي جنهن جي مقصدن ۾ سماجي شعبي جهڙوڪ تعليم، صحت، پاڻيءَ جي فراهمي ۽ اهڙي طريقي جي ٻين شعبن کي ترقي ڏيڻ شامل آهي. هن اهو فيصلو اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿر ڪول جي منصوبي بابت هڪ جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ، رٿابندي ۽ ترقيءَ وارو چيئرمين محمد وسيم، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، سيڪريٽري تعليم اقبال دراني، سيڪريٽري توانائي آغا واصف، ايس اِي سي ايم سي چيف شمس الدين شيخ، ڪمشنر ڪراچي اعجاز خان ۽ ٻيا شامل هئا. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪوئلي جي کاڻ ۽ بجلي جي رٿائن جي بدولت ٿر ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي ۽ ٿر ملڪ جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي جو ضامن ثابت ٿيندو. وڏي وزير چيو ته ٿر بلاڪ ٽو مستقبل جي پاور پلانٽس لاءِ هڪ بهترين آپشن آهي. گنجائش جي ڪري ٿر بلاڪ ٽو ۾ 5c/kWh کان گهٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي سگهه آهي. وڏي وزير ٻڌايو ته اپريل 2016ع کان ٿر ڪول جي اگهه ۾ معمولي 3.58 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جيڪو درآمدي فليو جي 65 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافي جي مقابلي ۾ تمام گهٽ آهي. هن چيو ته پرڏيهي ذرمبادلي ۾ ساليانو 1.6 بلين ڊالر ۽ ايل اين جي مد ۾ 1.2 بلين ڊالر ۽ درآمدي ڪوئلي جي مد ۾ ترتيبوار بچت ٿيندي. وڏي وزير چيو ته ٿر جا رهواسي سنڌ حڪومت ۽ خانگي شراڪتدارن جي ٿر ۾ وڏي پئماني تي ٿيندڙ سيڙپڪاريءَ مان فائدو حاصل ڪندا. هن ايس اِي سي ايم سي چيف شمس الدين شيخ کي هدايت ڪئي ته هُو ترقياتي ڪمن جهڙوڪ اسڪولن ۽ اسپتالن جي تعمير، آر او پلانٽس ذريعي پاڻيءَ جي فراهمي، روايتي ڳوٺن کي اپ-گريڊ ڪري ماڊل وليج بڻائڻ جو ڪم شروع ڪري. هن چيو ته ترقياتي ڪمن لاءِ اسلام ڪوٽ تعلقي کي هڪ ماڊل تعلقو هئڻ گهرجي. هن چيو ته بند اسڪولن کي کولارايا وڃن ۽ ان سان گڏوگڏ نوان اسڪول به شروع ڪيا وڃن ۽ ماڊل وليجن کي ترقي ڏني وڃي ۽ اتي ٻن ڪمرن تي مشتمل گهر جنهن ۾ اڱڻ، رڌڻو، ٽوائليٽ تعمير ڪيا وڃن. هن چيو ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته ٿر جي رهواسين کي رهڻ لاءِ جديد طريقن سان متعارف ڪرايو وڃي. وڏي وزير پبلڪ هيلٿ اينجينيئرنگ کاتي ۽ سنڌ ڪول اٿارٽي کي هدايت ڪئي ته اهي انهن آر او پلانٽس جي نشاندهي ڪئي وڃي جيڪي گنجائش کان گهٽ ڪم ڪري رهيا آهن يا انهن جا آپريشنل معاملا آهن ۽ انهن کي آپريشن جي قابل بڻائڻ لاءِ ٿر فائونڊيشن جي حوالي ڪيو وڃي ۽ ٿر فائونڊيشن وٽ سماجي شعبي جي ترقيءَ لاءِ هڪ ماسٽر پلان هوندو. مراد علي شاهه لاڳاپيل کاتن ۽ ايس اِي سي ايم سي کي هدايت ڪئي ته سنڌ حڪومت ۽ سندس شراڪتدار گڏيل طور تي گوڙاڻو جي متاثرن لاءِ معاوضي جي اسڪيم تيار ڪئي وڃي. سنڌ حڪومت ٿر فائونڊيشن کي ڪميونٽي ڊولپمينٽ لاءِ 900 ملين رپين جي گرانٽ ڏيندي ۽ کاڻن ۽ پاور جنريشن مان حاصل ٿيندڙ رائلٽي به ٿر جي علائقي ۾ سماجي بهتري تي خرچ ڪئي ويندي. هن چيو ته ٿر فائونڊيشن مختلف شعبن جهڙوڪ تعليم، صحت، انساني وسيلن جي ترقي، رهائش، انفرااسٽريڪچر، پيئڻ جي پاڻي، عورتن جي اختيارن، ڊزاسٽر مئنيجمينٽ، ثقافت ۽ ورثي ۽ نوجوانن جي ترقي جي حوالي سان به ڪم ڪندي. وڏي وزير ٻڌايو ويو ته اسلام ڪوٽ ايئرپورٽ جي تعمير مڪمل ڪئي وئي آهي. ايس اِي سي ايم سيءَ هڪ اسپتال ۽ نون مان ٻن اسڪولن جي عمارتن جي تعمير مڪمل ڪري ورتي آهي جيڪي افتتاح لاءِ تيار آهن. وڏي وزير چيو ته انهن اسڪيمن جو اپريل جي ٻئي هفتي ۾ افتتاح ڪيو ويندو.