پاڪستان پنهنجي سرحدن کي دهشتگردن کان محفوظ بڻايو آهي: قومي سلامتي وارو صلاحڪار

ڪوئيٽا(م ڊ) قومي سلامتي واري صلاحڪار ناصر جنجوعا چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي سرحدن کي دهشتگردن کان محفوظ بڻايو آهي ۽ هاڻ افغانستان کي به پنهنجي سرحدن جي سخت نگراني جي ضرورت آهي. قومي سلامتي واري صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل ريٽائرڊ ناصر جنجوعا بلوچستان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن پاڪستان طالبان سان هو ته اڄ اسان ان جي خلاف جنگ ڇو وڙهي رهيا آهيون اهڙي ريت آمريڪا طرفان اسان تي طالبان ۽ حقاني گروپ جي پشت پناهي جو به الزام لڳايو پيو وڃي جڏهن ته اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن ۽ ان جي باوجود جڏهن نائن اليون ٿيو ته اسان کي نشانو بڻايو ويو. ناصر جنجوعا چيو ته افغانستان ۾ آمريڪا ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ هاڻ حالتن ان هنڌ پهچي چڪا آهيون جو آمريڪا کي افغانستان ۾ جنگ کٽڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران جنگ ئي ختم ڪرڻ گهرجي جنهن سان خطي ۾ پائيدار امن قائم ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ روشن ٿي ويندا، پاڪستان پنهنجي سرحدن کي دهشتگردن کان محفوظ بڻايو آهي ۽ هاڻ افغانستان کي به پنهنجي سرحدن جي سخت نگراني جي ضرورت آهي. تقريب سان ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوه به خطاب ڪيو، هن چيو ته بلوچستان کي ترقي جي رستي گامزن ڪرڻ چاهيون ٿا جنهن جي لاءِ تعليمي ميدان ۽ صحت جي مرڪزن تي ڪم ڪيو آهي، ورهين جي محنت ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جي لازوال قربانين کان پوءِ بلوچستان ۾ زندگي واپس موٽي آهي، اسان عهد ڪيو آهي ته بلوچستان کي هڪ ترقي يافته صوبو بڻائينداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *