اسلام آباد ( بيورو ) احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، سندس نياڻي مريم نواز ۽ نياڻي ڪيپٽن صفدر خلاف ايون فيلڊ پراپرٽيز ريفرنس جي ٻڌڻي دوران نواز شريف طرفان داخل ڪيل متفرق درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي، جيڪو سڀاڻي ٻڌائڻ جو امڪان آهي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير شريف خاندان خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف، سندس نياڻي مريم نواز ۽ نياڻو ڪيپٽن صفدر عدالت ۾ پيش ٿيا. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف طرفان احتساب عدالت ۾ متفرق درخواست داخل ڪئي وئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پهريون طئي ڪيو وڃي ته واجد ضياءَ ڪهڙيون شيون رڪارڊ تي آڻي سگهي ٿو. نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث طرفان داخل ڪيل لکت درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته جي آءِ ٽي رپورٽ ٽن حصن تي ٻڌل آهي جنهن جو هڪ حصو دستاويزن، ٻيو حصو بيانن ۽ ٽيون حصو تجزين تي ٻڌل آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته جاچ آفيسر راءِ ڏيڻ جو حق نه ٿو رکي، گناهه ۽ بي گناهي جو فيصلو عدالت کي ڪرڻو آهي، واجد ضياءَ کي نه، حقيقتن ۽ راءِ ۾ فرق هوندو آهي. نواز شريف جي درخواست تي دليل ڏيندي نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباسي چيو ته واجد ضياءَ سپريم ڪورٽ جي سوالن جي روشني ۾ جاچ ڪئي ۽ جنهن عمل تحت دستاويز حاصل ڪيا تنهن بابت وضاحت ضروري آهي. نيب پراسيڪيوٽر وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن واجد ضياءَ گناهه ۽ بي گناهي بابت راءِ ڏي ته عدالت روڪي ڇڏي پر قانوني شاهدي واجد ضياءَ کي تحقيق بابت وضاحت کان نه ٿي روڪي. ٻڌڻي بعد عدالت نواز شريف جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو جيڪو سڀاڻي ٻڌائڻ جو امڪان آهي. ٻڌڻي دوران پاناما جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءَ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو ۽ عدالت ۾ شيزي نقوي جو بيان حلفي، حسين نواز ۽ مريم نواز وچ ۾ معاهدي جو خط، فليگ شپ انويسٽمينٽ تحت قائم ڪيل ڪمپنين جا فنانشل دستاويز، آف شور ڪمپنين بابت فلو چارٽ، مختلف ڪمپنين وچ ۾ ڏيتي ليتي ۽ رقم جي منتقلي جو رڪارڊ، گڏيل عرب امارات جي ايمبيسي جو جوابي خط، نيلسن، نيسڪول ۽ ڪومبر گروپ جي ٽرسٽ ڊيڊ، جفزا اٿارٽي جو خط ۽ رابرٽ ريڊ لي جي فارنزڪ رپورٽ به پيش ڪئي. ٻڌڻي دوران مريم نواز جي وڪيل ايڊووڪيٽ امجد پرويز چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ جي واليم 3 ۾ 9 صفحا گم آهن. نيب پراسيڪيوٽر جنرل سردار مظفر عباسي چيو ته اضافي 8 صفحا فراهم ڪيا ويندا. پاناما جي آءِ ٽي جي سربراهه ڪيپٽن ايف زيڊ اي ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نوڪري بابت اقامو، جبل علي فري زون اٿارٽي طرفان تصديق ٿيل سرٽيفڪيٽ به عدالت ۾ پيش ڪيو. مريم نواز جي وڪيل امجد پرويز چيو ته قانوني شاهدي تحت ان دستاويز کي رڪارڊ جو حصو نه ٿو بڻائي سگهجي. احتساب عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 22 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.