اياز سومرو سموري ڄمار پ پ پ ۽ جمهوريت لاءِ وقف ڪري ڇڏي: ناصر حسين شاهه

ڪراچي( هه آ): اطلاعات، ليبر، ٽرانسپورٽ ۽ هيومن ريسورسز واري وزير سيد ناصر حسين شاهه پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ايم اين اي ۽ اڳوڻي قانون ۽ پارلياماني معاملن واري وزير اياز سومرو جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ صوبائي وزير چيو ته اياز سومرو پنهنجي سموري ڄمار پيپلز پارٽي ۽ عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ وڙهندي وقف ڪري ڇڏي. سندس جدوجهد جي پاداش ۾ مرحوم کي قيد ۽ بند جون اذيتون به برداشت ڪرڻيون پيون. ناصر حسين شاهه چيو ته اياز سومرو هڪ قابل ۽ مخلص اڳواڻ هو سندس پيپلز پارٽي ۽ ملڪي سياست لاءِ ڏنل قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون. صوبائي وزير مرحوم لاءِ مغفرت ۽ پونئرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *