ڪراچي (اين اين آءِ) پيپلزپارٽِ جو سينيئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر محمد اياز سومرو لاڏاڻو ڪري ويو آعا سراج دراني سيد ناصر حسين شاهه ۽ عاجز ڌامره اياز سومرو جي لاڏاڻي تي نهايت ڏک ۽ افسوس جو اظهر ڪيو آهي تفصيل مطابق پاڪستان پيپلزپارٽي جو سينيئر اڳواڻ ۽ اين اي 204 لاڙڪاڻي مان قومي اسيمبلي ميمبر محمد اياز سومرو نيويارڪ ۾ لاڏاڻو0 ڪري ويو ايم اين اي محمد اياز سومرو گهڻي وقت کان دل جي تڪليف سبب اين آءِ سي وي ڊي ۾ علاج هيٺ رهيو جڏهن ته ٻن هفتن کان هو نيويارڪ ۾ علاج هيٺ هو اياز سومرو گذريل 40 سالن کان پيپلزپارٽي سان لاڳاپيل هو هو 10 سال پيپلزپارٽي صلعي لاڙڪاڻي ۽ ڊسٽرڪٽ بار جي صدر سميت تعليم وارو صوبائي وزير به رهيو ٻئي پاسي آصف زرداري اياز سومري جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته اياز سومرو پارٽي جو وڏو اثاثو هو ان جون جمهوريت ۽ پارٽي لاءِ قربانيون فراموشن ٿيون ڪري سگهجن. پارٽي ۽ ڀٽو خاندان اياز سومري جي لاڏاڻي تي ڏکايل آهن آغا سراج دراني اياز سومري جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو هن چيو ته اياز سومرو جمهوريت جي بقا لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون ۽ جيل ۾ سختيون برداشت ڪيو پر هو ڪڏهن به ظالم اڳيان جهڪيو نه آغا سراج دراني مغفرت جي دعا ڪندي الله سائين اياز سومرو کي پنهنجي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ وارثن کي صبر ۾ رهڻ جي سگهه ڏي ناصر حسين شاهه اياز سومرو جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي هن يو ته اياز سومرو پنهنجي سڄي زندگي پيپلزپارٽِ ۽ عوام جي حقن جي لاءِ گذاري ان جدوجهد جي ڏوهه ۾ کيس وڌيون سختيون برداشت ڪرڻيون پيون ناصر حسين شاهه چيو ته اياز سومرو هڪ قابل مخلص انسان هو سندس قربانيون پيپلزپارٽي هميشه ياد رکندي. عاجز ڌامره اياز سومرو جي لاڌاڻي تي ڏک اظهار ڪندي چيوت ه اياز سومرو پاڪستان پيپلزپارٽي جو بهادر ۽ سچو جيالو هو هن آمراڻي دور ۾ جمهوريت جي بحالي جي جدوجهد ۾ پارٽي سان پاڻ ملهايو هن چيو ته اياز سومرو ملڪ جي سموري جمهوريت پسند عوام ۽ پارٽي ڪارڪنن جي دلين ۾ هميشه ياد رهندو.