ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سڄي سنڌ ۾ 120 رورل هيلٿ سينٽر هلائڻ جو انتظام غير سرڪاري تنظيم جي حوالي ڪرڻ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي درخواست گذار ۽ وڪيل جي غير حاضري تي اپريل جي چوٿين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇ ڏي ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته حڪومت قانوني طور تي انتظام بهتر ڪرڻ لاءِ ڳوٺاڻي صحت جي مرڪزن جو انتظام غير سرڪاري تنظيم جي حوالي ڪيو ٻڌڻي دوران عدالت سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته انتظام سنڀالڻ کان پوءِ هن غير سرڪاري تنظيم اتي ڪهڙيون تبديليون آنديون ۽ اتي ڪهڙيون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن عدالت درخواست تي وڌيڪ ڪارروائي وڪيل صفائي ۽ درخواست گذار جي عدم حاضري تي اپريل چوٿين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.