رڳو موت ئي مون کان سعودي تخت کسي سگهي ٿو: محمد بن سلمان

واشنگٽن (م ڊ) سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان چيو آهي ته رڳو موت ئي مون کي سعودي تخت ۽ تاج کان محروم ڪري سگهي ٿو. آمريڪي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي محمد بن سلمان چيو ته اها ته خدا کي ئي خبر آهي ته مان ڪيترو جيئندس ۽ جيڪڏهن زنده رهيس ۽ حالتون صحيح رهيون ته پوءِ اميد ته اها ئي آهي ته ايندڙ پنجاهن سالن تائين سعودي عرب جون واڳون سندس هٿن ۾ ئي رهنديون ۽ رڳو موت ئي مون کان تخت کسي سگهي ٿو. هن چيو ته ايران جو سعودي عرب سان ڪو به مقابلو ناهي، ايران نه ته دنيا جي وڏي فوجي طاقتن ۾ شامل آهي ۽ نه وري اقتصادي ميدان ۾ سعودي عرب جي جوڙ ۾ آهي. سندس چوڻ هو ته اساما بن لادن نائين اليون حملن لاءِ 15 سعودي شهرين کي پاڻ سان شامل ڪيو، هن وچ اوڀر، اولهه، آمريڪا ۽ سعودي عرب ۾ لاڳاپا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. محمد بن سلمان چيو ته 1979ع ۾ مسجد الحرام ۾ ٿيل خونريزي ۽ ايران جي انقلاب بعد پيش آيل واقعن ڻ سعودي عرب جا ماڻهو متاثر ٿيا ۽ انتها پسندي ۾ اضافو ٿيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *