دالبندين(م ڊ) سينيٽ چيئرمين مير صادق سنجراڻي چيو آهي ته هو اڪثريت سان چونڊجو آهي ۽ ڪنهن به سياسي پارٽي ۾ شموليت اختيار نه ڪندو. سينيٽ چيئرمين مير صادق سنجراڻي عهدو سنڀالڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو پنهنجي اباڻي علائقي دالبندين پهتو جتي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين چيو ته مون اها سيٽ اڪثريت سان کٽي آهي، ڪنهن سياسي پارٽي ۾ شموليت اختيار نه ڪندس ۽ منهنجي خلاف عدم اعتماد جي ڪا به تحريڪ ناهي آئي. هن چيو ته عمران خان جا ٿورا آهن، هو ساٿ ڏئي رهيو آهي، آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو به مون سان گڏ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته مير حاصل خان بزنجو اسان جو بزرگ آهي، ان بابت ڪجهه به ٻڌڻ نٿو چاهيان.