نواز، شهباز شريف ۽ آصف زرداري ملڪ کي اڏوهي جيان کائي رهيا آهن: عمران خان

ڪراچي(م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ آهي ته نواز شريف، شهباز شريف ۽ آصف زرداري ڪرپٽ آهن ۽ اهي ملڪ کي اڏوهي جيان کائي رهيا آهن. ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو ته ماڻهو پيسا ۽ ملڪيت بڻائڻ جي لاءِ سياست ۾ ايندا آهن، هتي سياست نه مافيا جو مقابلو ڪرڻو آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ جهڙي سياست اڄ تائين ڪنهن به ناهي ڪئي، ادارا ٺيڪ ٿيندا ته ڪرپٽ ماڻهو پيسو نه ٺاهي سگهندا. هن چيو ته ملڪ ايٽم بم سان نه ادارا تباهه ٿيڻ سان تباهه ٿيندو آهي ۽ جڏهن ادارا تباهه ٿي وڃن ته ملڪ تباهه ٿي ويندو آهي. هن چيو ته شريف ڀائرن کي پنجاب ۾ حڪومت ڪندي پنج سال گذري ويا پر پنجاب ۾ پوليس جي حالت ڏسي سگهو ٿا، سنڌ ۽ پنجاب ۾ پوليس کي تباهه ڪيو ويو. هن چيو ته نواز شريف، شهباز شريف ۽ آصف زرداري ڪرپٽ آهن، اهي ملڪ کي اڏوهي جيان کائي رهيا آهن، چوري اهي ڪندا آهن ۽ قرضي عوام کي ڪندا آهن جڏهن ته نواز شريف کي ان ڪري ڪڍيو ويو ڇو ته هو چور هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *