ڪوٽلي ستيان( م ڊ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نواز شريف انقلابي نه پر فسادي ۽ سازشي ٿي سگهي ٿو، رضا رباني کي نامزد ڪري پ پ پويان لڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ڪوٽلي ستيان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سينيٽ ۾ شڪست نواز شريف جو اصلي چهرو وائکو ڪري ڇڏيو آهي، کيس ضياءَ الحق جي دور ۾ ووٽ جو تقدس ياد ڇو نه آيو؟ هن چيو ته نواز شريف پارليامينٽ ۾ رهي ڪري ووٽ جو تقدس بحال نه ڪري سگهيو هاڻي جيل ۾ ويهي ڇا ڪندو. سندس چوڻ هو ته عوام روزگار، اٽو، لٽو ۽ اجهو چاهي ٿو، پاڪستان جا وسيلا سندن قبضي ۾ آهن پوءِ چون ٿا ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نواز شريف جي وزير اعلا ڪيو آهي ته جيڪو پي آءِ اي خريد ڪندو تنهن کي اسٽيل ملز مفت ۾ ڏني ويندي. هن چيو ته ناڻي وارو صلاحڪار ياد رکي ته کيس اسٽيل ملز وڪرو ڪرڻ نه ڏني ويندي. سندس چوڻ هو ته قومي ايئر لائين کي پنهنجو ڪاروبار چمڪائڻ لاءِ تباهه ڪيو پيو وڃي، شريف ڀائر ليڊر نه پر ڪاروباري آهن. پ پ چيئرمين چيو ته شريف ڀائر چوندا هئا ته کين روڪي سگهو ته روڪيو اسان کين روڪي ڇڏيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته لاهور ميٽرو بس جي بجيٽ ڀارت جي تاريخي مريخ مشن کان به وڌيڪ آهي، جوڻيجو حڪومت خلاف سازش وقت توهان کي ووٽ جو تقدس ياد ڇو نه آيو. هن چيو ته جنهن رفتار سان پي آءِ اي جا روٽ بند ڪيا پيا وڃن تنهن تيستائين سان ايئر بليو کي ترقي ڏياري پئي وڃي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پشاور ۾ ميٽرو سروس مهانگي ترين ثابت ٿيندي. هن چيو ته پنجن سالن دوران عمران خان جون تقريرون ٻڌي عوام جا ڪن پچي چڪا آهن، توهان گارين ۽ يوٽرن کانسواءِ عوام کي ڪجهه نه ڏنو آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان پنهنجي وڏي وزير خلاف ڪرپشن جي الزامن تي ڪجهه نه ٿو ڳالهائي، ڪپتان سٺن ۽ خراب طالبان جو نعرو متعارف ڪرايو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان نااهل ترين جي پٽ کي ٽڪيٽ ڏئي يوٽرن ورتو، ميٽرو تي گاريون ڏيندڙ هاڻي پاڻ ميٽرو ٺاهي رهيا آهن.