زرداري ۽ عمران هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن: نواز شريف

سانگلا هل (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته زرادري، عمران ڀائر ۽ هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن، اهي روايتي سياست ڪندڙ ماڻهو آهن، جيڪي نئين پاڪستان جي نالي تي عوام کي دوکو ڏئي رهيا آهن. سانگلا هل ۾ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته اسان ڪم ڪندڙ ماڻهو آهيون، ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيوسين، سي پيڪ آندو سين، موٽر ويز ٺاهياسين، جيڪي مهرا هوندا آهن ڇا اهي به عوام جا سڄڻ هوندا آهن، اهي ماڻهو عوام لاءِ ڪجهه به نٿا ڪري سگهن. سندس چوڻ هو ته هڪٻئي کي چور چوندڙن نواز شريف جي خوف سبب هڪٻئي سان هٿ ملايو، سڀني ڏٺو ته سينيٽ چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جي ميمبرن تير جي نشان تي ووٽ ڏنو. هن چيو ته مان اڳ به ڪيترائي ڀيرا سانگلا اچي چڪو آهيان پر اڄوڪو سانگلا مان اڳ ۾ ڪڏهن ناهي ڏٺو، اڄ سانگلا هل وارن نواز شريف جي موقف جي حق ۾ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *