ڪراچي (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي والد آصف زرداري کان پڇي ته هو محنت ڪرڻ کانسواءِ ارب پتي ڪيئن بڻجي ويو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين ٻن ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو آهي. ڪراچي هوائي اڏي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته چيف جسٽس طرفان ڪراچيءَ جي حالتن تي ٺهيل ڪميٽي جي رپورٽ موجب ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي ۾ سيوريج جو پاڻي مليل آهي، شهر ۾ 650 هنڌ آهن جتي زمينن کي پاڻي ڏنو پيو وڃي ۽ ان ۾ سيوريج جو پاڻي مليل آهي. هن چيو ته بي بي بلاول کان پڇڻ چاهيان ٿو ته 10 سال ڪراچي ۾ توهان جي حڪومت رهي پر توهان ڪراي وارن کي پيئڻ جو پاڻي به نه ڏئي سگهيا، 10 سالن دوران ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ڪا هڪ شيءَ اهڙي ٻڌائي وڃي جيڪا توهان ٺيڪ ڪئي هجي، بلاول پنهنجي والد آصف زرداري کان پڇي هت بنا محنت ڪئي هو ارب پتي ڪئين بڻجي ويو آهي، اهو ٻڌايو وڃي ته 10 سالن ۾ پ پ ڪهڙي بنيادي ضرورت پوري ڪئي آهي.