سنڌ پوليس جي آفيسرن جي تربيت لاءِ اسڪول آف انويسٽي گيشن جو افتتاح

ڪراچي (م ڊ) سنڌ ۾ پوليس آفيسرن کي جاچ جي باقاعده تربيت ڏيڻ لاءِ جرمن حڪومت جي سهڪار سان مڪمل ڪيل اسڪول آف انويسٽيگيشن جو افتتاح ڪيو ويو آهي. آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه پوليس ٽريننگ ڪاليج سعيد آباد ۾ اسڪول آف انويسٽيگيشن جو باقاعده افتتاح ڪيو. تقريب ۾ جرمني حڪومت تحت پاڪستان لاءِ ڪرمنل انويسٽي گيٽيو سروسز ۾ صلاحيت کي هٿي ۽ سپورٽ فراهم ڪندڙ پروگرام هيڊ ڊاڪٽر اسٽريڊ بوش به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه چيو ته معاشري کي ڏوهن کان پاڪ ڪرڻ ۽ امن جو آستان بڻائڻ ۾ پوليس کاتي تحت آپريشنل ۽ انويسٽگيشن ذميواريون نهايت غير معمولي بڻائڻ نه رڳو ضروري آهي پر جديد دور ۾ ڏوهن جي نئين ٽيڪنيڪس کي منهن ڏيڻ لاءِ وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٻين پوليس ٽريننگ سينٽرن ۾ به اهڙا ئي اسڪول قائم ڪيا ويندا جنهن جو مقصد جاچ مرحلي ۽ ميڪنزم کي معياري نصاب تي ٻڌل تعليم ۽ تربيت سان جٽادار بڻائڻ آهي. سندس چوڻ هو ته فارنزڪ ليب ۽ ايڪسپلوزيو ليب جو به افتتاح جلد ڪيو ويندو، جڏهن ته شرجيل کرل کي ان مقصد لاءِ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر به نامزد ڪيو ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *