گهرو وزارت نواز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ نه وڌو ته فيصلو ٻي هنڌ ٿيو آهي: چوڌري نثار

اسلام آباد ( م ڊ ) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي چيو آهي ته جيڪڏهن گهرو وزارت جي ڪميٽي نواز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي معاملي تي نيب جي سفارشن کي نظرانداز ڪيو ته فيصلو ڪٿي ٻي هنڌ ٿيو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران نواز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ تي بحث ڪيو ويو. سوالن جي وقفي دوران نويد قمر چيو ته اي سي ايل ۾ نالو وجهڻ جو طريقيڪار ڇا آهي، نواز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ ڇو نه ٿو وڌو وڃي. اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار علي چيو ته  اي سي ايل ۾ نالو وجهڻ جو فيصلو گهرو وزارت جي ڪميٽي ڪندي آهي ۽ اها ڪميٽي نيب جي سفارشن تي عمل ڪندي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪميٽي سفارشن کي نظرانداز ڪيو آهي ته فيصلو ڪنهن ٻي هنڌ ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته ماضي ۾ اي سي ايل ۾ نالو وجهڻ لاءِ سفارشون هلنديون هيون، زال مڙس جو جهيڙو به هجي ته نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويندو  هو، موجوده حڪومت ان حوالي سان نئين ايس او پي بڻائي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *