جي يو آءِ پاران جيڪب آباد ۾ ترقياتي فنڊن جي مد ۾ ايندڙ 54ارب روپين کان وڌيڪ ڪرپشن خلاف احتجاجي مظاهرو

جيڪب آباد (ڊ ر)  جي يو آءِ پاران ضلعي جيڪب آباد ۾ ترقياتي فنڊن جي مد ۾ ايندڙ 54ارب روپين کان وڌيڪ رقم ۾ ڪرپشن خلاف احتجاجي مظاهرو، شهر ۾ مارچ، نيشنل هاءِ وي ۽ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو، سپريم ڪورٽ کان پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو، خبر موجب: جمعيت علماءِ اسلام پاران جيڪب آباد ضلعي ۾ گذريل 5 سالن دوران ترقياتي ڪمن جي مد ۾ ٿيندڙ 54ارب کان وڌيڪ فنڊن ۾ رڪارڊ ڪرپشن خلاف مدرسه تعليم القرآن جيڪب آباد کان هڪ زبردست احتجاجي جلوس ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري، جي ٽي آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري حماد الله انصاري، مولانا عبدالجبار رند، حاجي محمد عباس بنگلاڻي، مفتي عبدالشڪور کوسو، مولانا عابد ابڙو، مير حسن ٻرڙو، قاري دلبر ڪنڊراڻي مولانا عبدالقادر بنگلاڻي، مولانا سليم الله بروهي، قاري نصرالله کوسو، محمد موسيٰ مهر ۽ ٻين جي قيادت ۾ ڪڍيو ويو، مظاهرين ڪرپشن خلاف نعريبازي ڪندي شهر جي مختلف رستن شاهي بازار، صرافه بازار، ڀٽائي بازار، قائد اعظم روڊ تي مارچ ڪيو ۽ نيشنل هاءِ وي پڻ ڌرڻو هنيو، ۽ بعد ۾ شهر جي مک ڊي سي چوڪ ۽ پريس ڪلب آڏو پهچي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جنهن ڪري ٻن ڪلاڪن تائين ٽريفڪ معطل رهي ۽ روڊ بلاڪ ٿي ويو، انهيءِ موقعي تي مظاهرين کي ڊاڪٽر اي جي انصاري خطاب ڪندي ٻڌايو ته سڄي سنڌ ڪرپٽ ڪامورن جي ور چڙهيل آهي خصوصن ضلعي جيڪب آباد کي ڪرپٽ ڪامورن اوڏئي جيان کائي ويا آهن، گذريل 5 سالن دوران ضلعي جي ترقي لاءِ آيل 54ارب روپين کان وڌيڪ رقم ۾ رڪارڊ ڪرپشن ڪئي وئي آهي، ڪرپشن سبب ضلعي جيڪب آباد ۾ ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيا آهن، سمورو ضلعو جيڪب آباد کنڊر بڻجي چڪو آهي، روڊ رستا، گهٽيون تباهه، ناليون خراب، سرڪاري اسڪول زبون حالي جو شڪار آهن، شهري پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهن، تعلقي ٺل، ڳڙهي خيرو ۽ جيڪب آباد ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيمن لاءِ ايندڙ فنڊ هڙپ ڪيا ويا آهن ضلعي جيڪب آباد جون سرڪاري آفيسون ڪرپشن جو ڳڙهه بڻجي چڪيون آهن هنن چيو ته ڪرپٽ ڪامورن ٺيڪيدارن ۽ چونڊيل نمائندن جو جيستائين احتساب نه ٿيندو عوام جا بنيادي مسئلا حل نه ٿي سگهندا، ڪرپٽ ماڻهن خلاف نيب ۾ هلندڙ ڪيس پڻ سرد خاني حوالي ٿيل آهن سکر نيب جا عملدار ثبوتن باوجود ڪرپشن ڪندڙن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ٿا ڪن، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته نيب به ڪرپٽ ڪامورن جي ڪرپشن ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهي انهن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته جهڙي ريت سپريم ڪورٽ پاڻي ۽ ڊرينيج لاءِ ڪميشن جوڙي آهي ساڳي ريت سنڌ خصوصن ضلعي جيڪب آباد ۾ ٿيندڙ ڪرپشن کي ختم ڪرڻ لاءِ امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ ڪميشن جوڙي وڃي جيئن قومي خزاني کي لٽيندڙن کان قومي ناڻو واپس ڪرائي عوام جي فلاح ۽ بهبود تي خرچ ڪيو وڃي، هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن ڪرپٽ ڪامورن خلاف ڪاروائي نه ٿي ۽ ترقياتي ڪم صحيح نموني نه ٿيا ته ڀرپور احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *