ڪراچي(م ڊ) شهر ۾ کير جي اگهه واري مسئلي تي دڪاندارن هڙتال ڪري ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ شهرين کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو پوي. ڪراچي ۾ کير وڪرو ڪندڙن ۽ هول سيلرن جي وچ ۾ اگهه جي تڪرار بعد ريٽيلرز هڙتال ڪندي دڪان بند ڪري ڇڏيا. سپريم ڪورٽ طرفان مينهن کي کير وڌائڻ واري صحت کان هاڃيڪار انجڪشن تي پابندي بعد ڪراچي ۾ ڊيري فارمن پيداوار گهٽ هئڻ جو جواز بڻائي کير جو اگهه 100 رپيا في ليٽر تائين مهانگو ڪري ڇڏيو هو. سنڌ هاءِ ڪورٽ کير جي اگهه ۾ واڌ تي پابندي لاڳو ڪندي في ليٽر 85 رپين ۾ وڪرو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو هو تنهن هوندي هول سيلرن عدالتي حڪمن جو متيون منجهائيندي ريٽيل دڪاندارن لاءِ کير جو اگهه 95 رپيا في ليٽر ڪري ڇڏيو هو. کير وڪرو ڪندر دڪاندارن هول سيلرز کان 95 رپيا في ليٽر تي کير خريدڻ کان انڪار ڪندي چيو ته مهانگو کير خريد ڪري 85 رپين جي سرڪاري قيمت تي نٿا وڪڻي سگهون.