دل ٽٽي چڪي آهي پر پنهنجي مشن تان پوئتي نه هٽندس، ووٽ کي عزت ڏياري ويندي: نواز شريف

اسلام آباد ( بيورو ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته شهباز شريف کي مسلم ليگ ن جو پارٽي صدر بڻايو ويو، اسان لاءِ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون آهن. لاهور ۾ مسلم ليگ ن جي جنرل ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته عوام جي ڪروڙين ووٽن سان چونڊيل وزيراعظم کي ڪجهه گهڙين ۾ نااهل ڪيو ويو، قوم ترقي ڪرڻ بدران پوئتي وڃي رهي آهي. هن چيو ته قوم کي اوندهه طرف ڌڪيو پيو وڃي، ڏينهن رات پنهنجي قوم بابت سوچيندو آهيان. سندس چوڻ هو ته 10 سالن دوران پنجاب ۾ جيڪا ترقي ٿي اها ملڪ جي 60 سالن جي تاريخ ۾ نه ٿي آهي، سنڌ ۽ ڪي پي سميت ڪنهن به صوبي ۾ ترقي نظر نه اچي رهي آهي. نواز شريف چيو ته 2013ع دوران گهرن ۾ اوندهه هئي، فيڪٽريون مان بجلي غائب هئي، دنيا پاڪستان بابت ڳالهيون ڪري رهي هئي، روزاني ڌماڪا ٿيندا هئا ۽ ڪيترائي ماڻهو مرندا هئا، ترقي جو ڪو به آثار نه  هو، ملڪ دنيا جي بدترين ملڪن ۾ شامل ٿي ويو چڪو، چئلينج سمجهي  حڪومت قبول ڪئي ۽ ڏينهن رات ڪم ڪيو. هن چيو ته شاهد خاقان عباسي چوي ٿو ته توهان ايترا منصوبا لڳايا آهن جو افتتاح ڪري ٿڪجي پيو آهيان. سندس چوڻ هو ته ڪيترين ئي رٿان مان بجلي جي پيداوار شروع ٿي چڪي آهي ۽ بجلي پيدا ٿيڻ واري آهي. نواز شريف چيو ته جيڪڏهن ترقي ٿي آهي ته دل سان قبول ڪرڻ گهرجي، تاريخ جا صفحا ڏسو سڀ خبر پئجي ويندي. هن چيو ته 20، 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي پر اڄ ماڻهو سک جو ساهه کڻي رهيا آهن، ترقياتي رٿائن ۾ اسان جو رت ۽ پگهار شامل آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪو مون سان ٿيو هاڻي ڪنهن رٿا جي افتتاح لاءِ وڃڻ تي دل نه چوندي آهي، مان به انسان آهيان، منهنجا به جذبا آهن. نواز شريف چيو ته مون کي يقين آهي ته وزيراعظم ۽ شهباز شريف رٿائن جي افتتاح وقت مون کي ياد ڪندا هوندا. هن چيو ته منهنجي دل ٽٽي چڪي آهي پر پنهنجي مشن تان پوئتي نه هٽندس، ايندڙ 70 سال جيئن  گذريا آهن ايندڙ سال 70 سال بهتر گذارڻ سان ڪارڪنن ۽ عوام کي سک سان نه ويهڻ نه ڏيندس. سندس چوڻ هو ته اسان جو مشور هوندو ووٽ کي عزت ڏيو، ووٽ کي عزت ڏيڻ جو مطلب آهي عوام سندن مئنڊيٽ کي عزت ڏيڻ ۽ سندن حڪمراني قبولڻ آهي. نواز شريف چيو ته منهنجي ڪابه حيثيت ناهي، عوام جي مئنڊيٽ کي عزت ڏيارڻي آهي، مون کي پنهنجي ذات لاءِ ڪابه لالچ ناهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *