مخالف ڌر جي صادق سنجراڻي سينيٽ چيئرمين جي عهدي جو حلف کڻي ورتو

اسلام آباد(بيورو) سينيٽ ۾ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جون چونڊيون جنهن ۾ صادق سنجراڻي 52 ووٽ کڻي سينيٽ جو چيئرمين چونڊجي ويو. سينيٽ جي 52 نون چونڊيل ميمبرن رڪنيت جو حلف کنيو جنهن بعد سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ لاءِ اجلاس ٿيو. عهديدارن کي خاص راءِ شماري جي ذريعي چونڊيو ويو. چيئرمين جي عهدي لاءِ مسلم ليگ ن جي راجا ظفر الحق ۽ مخالف ڌر جي صادق سنجراڻي ۾ ننهن چوٽي جو مقابلو ٿيو. ڊپٽي چيئرمين جي عهدي تي  حڪمران اتحاد جي عثمان ڪاڪڙ ۽ مخالف ڌر جي سليم مانڊوي والا ۾ مقابلو ٿيو. پيپلز پارٽي، تحريڪ انصاف ۽ بلوچستان جي آزاد سينيٽرن گذريل ڏينهن چيئرمين جي لاءِ صادق سنجراڻي ۽ ڊپٽي چيئرمين جي لاءِ سليم مانڊوي والا جو نالو پيش ڪيو هو. فاٽا ۽ ايم ڪيو ايم جي سينيٽرن به مخالف ڌر جي اميدوارن جي حمايت جو اعلان ڪيو هو. ٻئي پاسي مسلم ليگ ن  ۽ سندس اتحادي پارٽين سينيٽ جي چيئرمين لاءِ راجا  ظفر الحق جڏهن ته سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين لاءِ عثمان ڪاڪڙ کي اميدوار نامزد ڪيو هو. حڪومت ۽ مخالف ڌر جي چئني اميدوارن پنهنجا پنهنجا نامزدگي وارا ڪاغذ جمع ڪرايا جيڪي منظور ٿي ويا. سينيٽ جو ايوان 104 ميمبرن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ ن ليگ جا 33، پ پ پ جا 20، پي ٽي آءِ جا 12، آزاد 17، ايم ڪيو ايم 5، نيشنل پارٽي 5، جي يو آءِ 4، پشتون خوا ميپ 3، جماعت اسلامي 2 ۽ بي اين پي مينگل، فنڪشنل ليگ ۽ اي اين پي جو هڪ هڪ سينيٽر آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *