ڪراچي(م ڊ) سڌ سماءَ واري صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته پي سي بي چيئرمين پي ايس ايل سميت ٻيا ايونٽس به ڪراچي ۾ ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي، شهري ايونٽ کي ڪامياب بڻائڻ ۽ ڪراچي ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ سهڪار ڪن. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته پي ايس ايل جي ڪراچي ۾ فائنل لاءِ انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن، ڊي جي رينجرز پي ايس ايل جي فائنل ميچ جي سڪيورٽي معاملن جي نگراني ڪندو. هن چيو ته ڪراچي ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ شهرين جي سهڪار جي گهرج آهي. ناصر شاهه چيو ته پي ايس ايل فائنل جي موقعي تي اسٽيڊيم کان پري پارڪنگ ٺهندي، جتان شٽل سروس هلندي، ميچ ختم ٿيڻ بعد گيٽ دير سان کلندا ته جيئن رانديگر روانا ٿي سگهن. هن چيو ته پي ايس ايل جي فائنل ميچ جي موقعي تي تماشائين جي تفريح لاءِ موسيقي جو پروگرام هوندو.