گوجرانوالا (م ڊ) ن ليگ جي قائم مقام صدر ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته پ پ جي دور ۾ نندي پور پراجيڪٽ 4 سال ڪراچي ۾ دٻيل رهيو پر اسان ڏينهن رات محنت ڪري اهو منصوبو مڪمل ڪيو، الله کي منظور ٿيو ته آصف زرداري ۽ عمران نيازي جي ڳٺ جوڙ کي دفن ڪنداسين. گوجرانوالا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته اهو بهوقت هيو، جڏهن ته بجلي ويندي هئي ۽ واپس نه ايندي هئي پر اڄ بجلي ئي بجلي آهي، ڪراچي موهن جي دڙي جو ڏيک ڏئي رهيو آهي ۽ پشاور جون روشنيون به ختم ٿي رهيون آهن پر اسان پنجاب ۾ اربين رپين جي لاڳت سان روڊ، اسپتالون ۽ راندين جا ميدان تعمير ڪرايا. هن عمران خان ۽ آصف زرداي کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته زرداري ۽ نيازي گڏجي ويا آهن، ٻنهي پنهنجن صوبن ۾ ڪجهه نه ڪيو، جنهن سبب نيازي صاحب اڄ ڪي پي ۾ پنهنجي شڪل ڏيکارڻ جي لائق ناهي ۽ زرداري سنڌ ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو، اهو به سڀني جي سامهون آهي. سندس چوڻ هو ته اسان پنجاب سميت سڄي ملڪ ۾ ڪم ڪيو آهي، مون تي الزام لڳندا آهن پر خدمت کان نه مُڙندس، رڳو پنجاب نه پر سڄي پاڪستان کي لاهور بڻائينداسين. شهباز شريف اعلان ڪيو ته ايندڙ چونڊن کانپوءِ گوجرانوالا ۾ ميٽرو بس منصوبو شروع ڪيو ويندو.27