ٽن سالن تائين آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي تي سمجهوتو نه ڪيو:رضا رباني

اسلام آباد(بيورو) سينيٽ جي چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته منهنجي ڪوشش رهي آهي ته اصولن، آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي تي سمجهوتو نه ڪيا. سينيٽ جي چيئرمين طور پنهنجي الوداعي خطاب ۾ ميان رضا رباني سمورن سينيٽرن ۽ پارلياماني ليڊرن طرفان سهڪار ڪرڻ ۽ اصولن تي سمجهوتو نه ڪندي قاعدن ۽ ضابطن جي تحت ڪارروائي ۾ حصو وٺڻ تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته 12 مارچ 2015 تي حلف ڍنيو هو ته سڀ کان پهرين اثاثا سامهون رکيا، منهنجو واعدو هو ته جڏهن منصب تان هٽندس ته پوءِ ٻيهر اثاثا ٻڌائيندس اڄ سياسي طور تي سياسي ڪارڪن جي جنهن مقام تي آهيان ان ۾ ٻه عورتون شامل آهن هڪ منهنجي ماءُ ۽ ٻي سياسي ماءُ بينظير ڀٽو. سينيٽ چيئرمين چيو ته آئون درويش ماڻهو آهيان جنهن خودي کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، منصب اچڻا وڃڻا آهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڳالهه تي يقين رکان ٿو ته ڪنڌ ڪپرايو پر اصولن تي سمجهوتو نه ڪيو، مون کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته منهنجو نالو انهن اسپيڪرن ۾ شامل هجي جن پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ پنهنجو ڪنڌ نه جهڪايو. رضا رباني چيو ته سيڪريٽري سينيٽ احسن طريقي سان فيصلن تي عملدرآمد ڪرڻ ۾ مون سان سهڪار ڪيو انهن جو ٿورائتو آهيان. آئون اعتزاز احسن جو ٿورائتو آهيان، جنهن مون سان سهڪار ڪيو آئون انهن جو ٿورائتو آهيان.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *