شريف خاندان خلاف نيب ريفرنسز: جي آءِ ٽي رپورٽ کي رڪارڊ جو حصو بڻائڻ جي درخواست رد

اسلام آباد ( بيورو ) اسلام آباد جي احتساب عدالت شريف خاندان خلاف نيب ريفرنسز ۾ جي آءِ ٽي جي رپورٽ کي رڪارڊ جو حصو بڻائڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. شريف خاندان خلاف نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي دوران جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ پنهنجو بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو. اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف، سندس نياڻي مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر عدالت ۾ پيش ٿيا. جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ ٽن لوهين صندوقن ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ ۽ دستاويز کڻي عدالت پهتو. نيب جي آخري شاهد واجد ضياءَ جي آءِ ٽي ۾ پنهنجو بيان قلمبند ڪرائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي گڏيل جاچ ٽيم جوڙي وئي ۽ جاچ ٽيم کي ڪجهه سوالن جا جواب ڳولڻ ۽ تحقيق ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. جاچ ٽيم کي گلف اسٽيل، قطري خط، هل ميٽل جي جاچ جو حڪم ڏنو ويو،  اهو سوال به هو ته جوابدارن جي رقم جدي، قطر ۽ برطانيا ڪيئن منتقل ڪئي وئي، نواز شريف جي ٻارڙن وٽ ڪمپنين لاءِ ناڻو ڪٿان آيو؟ نواز شريف ۽ سندس سنڀال هيٺ ماڻهن جا آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيئن ٺهيا. واجد ضياءَ جي بيان تي مريم نواز جي وڪيل امجد پرويز اعتراض واريندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي جنهن حڪم جو حوالو ڏئي رهيو آهي اهو رڪارڊ تي ناهي، حڪم نامي جون ڪاپيون جوابدارن کي به فراهم نه ڪيون ويون آهن. واجد ضياءَ چيو ته جي آءِ ٽي کي نيب قانون تحت اختيار ڏنا ويا، جي آءِ ٽي نيب، ايف آءِ اي ۽ ايس اي سي پي  کان رڪارڊ حاصل ڪيو. هن چيو ته برٽش ورجن آءِ لينڊ، برطانيا، سعودي عرب، يو اي اي کي ايم ايل اي لاءِ خط لکيا، نواز شريف، شهباز شريف، طارق شفيع، حسن نواز، حسين نواز، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر جا بيان قلمبند ڪيا. جي آءِ ٽي جي رپورٽ جي جلد نمبر 2 تي موجود جوابدارن جي بيانن کي شاهدي طور پيش ڪرڻ تي امجد پرويز اعتراض ڪيو،  هن چيو ته ايم ايل اي کي شاهدي طور پيش ڪري سگهجي ٿو پر جاچ رپورٽ کي شاهدي طور پيش نه ٿو ڪري سگهجي. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته واجد ضياءَ اسان جو شاهد آهي، جاچ ڪندڙ ناهي، اهو سمورو رڪارڊ منظر تي آڻي سگهجي ٿو، جاچ جاچ رپورٽ پيش ڪري ته اعتراض ڪري سگهجي ٿو.  احتساب عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد  جي آءِ ٽي جي مڪمل رپورٽ عدالتي رڪارڊ حصو نه بڻائڻ جو فيصلو ڏنو. ٻئي طرف نواز شريف جي وڪيل طرفان سندس طبيعت خراب هئڻ سبب موڪل جي درخواست ڪئي وئي جنهن بعد عدالت نواز شريف  کي وڃڻ جي اجازت ڏيندي رمارڪس ڏنا ته جوابدارن مان رڳو هڪ رهجي وڃي سڀ وڃي سگهن ٿا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *