ماسترياڻي کي تحفظ ڏيڻ لاءِ پوليس اهلڪار جي شادي، جوڙو ڪاروڪاري قرار، قتل ڪرڻ جو حڪم

جيڪب آباد(ڊ ر) جهالت جي اونداهه ختم ڪندڙ ماسترياڻي ۽ سنڌ پوليس جو جوان وڏيرن جي حڪم تي ڪاروڪاري قرار ڏنا ويا، ٻئي سر بچائڻ لاءِ ڪراچي پهچي ويا ۽ چيف جسٽس ۽ آءِ جي سنڌ کان مدد جي اپيل ڪري رهيا آهن. تفصيل موجب عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪارو ڪاري جي فيصلي جو نئون ڪيس سامهون اچي ويو. ڳوٺ ۾ اسڪول هلائڻ تي خانزادي نالي عورت کي ڳوٺ مان نيڪالي ڏني وئي، جنهن کي پناهه ڏيڻ لاءِ سنڌ پوليس جي ريزو اهلڪار محبوب ساڻس شادي ڪري ورتي، جنهن تي جرڳي مڇرجي ٻنهي کي ڪارو ڪاري ڪرڻ جو حڪم مڙهي ڇڏيو.  سنڌ جي ڪاري قانون ڪارو ڪاري کان پوليس به محفوظ نه رهي سگهي، وڻ هيٺان ٻارن کي تعليم ڏيندڙ ماسترياڻي کي ڳوٺ مان ڪڍڻ تي سنڌ ريزرو پوليس جي اهلڪار ساڻس شادي ڪئي، ڳوٺ جي وڏيرن ٻنهي کي ڪارو ڪاري قرار ڏئي کين قتل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جوڙي جو چوڻ آهي ته هو پنهنجو سر بچائڻ لاءِ ڪراچي ڀڄي آيو آهي ۽ هتي چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار ۽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کان مدد جي اپيل ڪئي آهي.  ميڊيا سان ڳالهائيندي پوليس اهلڪار محبوب جو چوڻ هو ته سنڌ پوليس جواب ٿيندي به اڄ تائين پوليس مدد ناهي ڪئي، وڏيري ۽ خانزادي جا مائٽ ڏاڍا خطرناڪ آهن اسان کي ماري ڇڏيندا. محبوب اهو به چيو ته وڏيرن منهنجي گهر ۽ زمينن تي به قبضو ڪري ورتو آهي، پنهنجي گهرواري ۽ 9 مهينن جي ٻارڙي سان روپوشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيان، اسڪول هلائڻ جي ڏوهه ۾ نيڪالي ڏنل ماسترياڻي سان شادي ڪرڻ منهنجو ڏوهه بڻجي ويو. ٻئي پاسي اسڪول جي ماسترياڻي خانزادي جو چوڻ هو ته پوليس سميت سڀني وٽ وياسين پر ڪنهن به اسان جي مدد نه ڪئي، اسان جي مدد ڪرڻ ڪير به ناهي، اسان کي انصاف ڏنو وڃي.  هوڏانهن آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا مبينا طور ڪارو ڪاري قرار ڏنل جوڙي جي حوالي سان ميڊيا جي رپورٽ جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي جيڪب آباد کان گڏيل انڪوائري پوليس جي بندوبستن تي ٻڌل رپورٽ فوري طور طلب ڪري ورتي آهي. هن حڪم ڏنو ته ڪارو ڪاري قرار ڏنل نوجوان ۽ عورت سميت سندس خاندان کي تحفظ ڏيڻ لاءِ سمورا بندوبست ڪيا وڃن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *