ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ان جي پارٽي اپوزيشن جي ٻين پارٽين سان رابطو ڪري رهي آهي ان جي ڪوشش آهي ته ٻين پارٽين سان گڏجي سينيٽ چيئرمين چونڊيون.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته سينيٽ جي سڀ کان وڏي پارٽي ن ليگ نه پيپلز پارٽي آهي. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته پنجاب مان 11 آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، ن ليگ پاڻ کي سڀ کان وڏي پارٽي سمجهي ٿي ته پنهنجو سينيٽ چيئرمين آڻي ڏيکاري.هن چيو ته پيپلز پارٽي سينيٽ چوندن ۾ اميدن کان بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، اسان سٺا اميدوار بيهاريا.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بلوچستان جي آزاد اميدوارن جي حمايت حاصل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪنداسين.متحده قومي موومينٽ بابت هڪ سوال تي هن چيو ته پارٽي جون پنهنجون ڪمزوريون آهن ان جو ملبو پ پ تي نه وجهڻ گهرجي.هن چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته ايم ڪيو ايم جا ووٽ به حاصل ڪريون. هن جو چوڻ هو ته نواز شريف ۽ عمران خان تخت لاهور جي ويڙهه ۾ پنج سال ضايع ڪيا، عمران خان کي مشورو ڏيندس ڪارڪنن کي اڳتي کڻي هلون. بلاول ڀٽو زرداري موجب پي ٽي آءِ جي ڪراچي ۾ پوزيشن ڪمزور ٿي وئي آهي.