ملڪ کي 70 ورهين کان لڳل مرض ختم ڪرڻ جو وقت اچي ويو: نواز شريف

گجرات (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي گذريل 70 ورهين کان لڳل مرض ختم ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، نواز شريف کي وزارت عظميٰ ۽ پارٽي صدارت تان ڪڍيو ويو پر عوام جي دلين مان نٿو ڪڍي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گجرات ضلعي جي علائقي ڪوٽلا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته اڄوڪي جلسي سان واضح ٿي ويو ته نواز شريف جو موقف ڪوٽلا سميت سڄي ملڪ تائين پهچي چڪو آهي. هن چيو ته ن ليگ کي سينيٽ چونڊن مان ڪڍيو ويو ۽ فيصلو ٻڌايو ويو ته ن ليگ سان واسطو رکندڙ ماڻهو چونڊن ۾ حصو نه وٺي سگهندا پر صوبائي ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن ان فيصلي کي به رد ڪري ڇڏيو، سينيٽ ۾ ن ليگ اميدوار ئي ڪامياب ٿيا. نواز شريف چيو ته مون تي الزام لڳايو ويو ته پارٽي اميدوارن جي ڪاغذن تي مان صحيحون ڪيون، تنهن ڪري ن ليگ اميدوار سينيٽ چونڊن ۾ حصو نٿا وٺي سگهن، جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ پاڪستان جي ايٽمي پروگرام تي به نواز شريف جي صحيح آهي، ملڪ جي ترقياتي منصوبن تي منهنجون صحيحون آهن، انهن کي ڪيئن مِٽايو ويندو، جيڪڏهن پاڪستان جي ترقياتي رٿائن، ايٽمي پروگرام ۽ موٽر وي تي به نواز شريف جون صحيحون آهن ته انهن منصوبن کي به ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ عوام کي رڳو ووٽ ناهي وجهڻو پر انقلاب آڻڻو آهي، اهي چونڊون ريفرنڊم ٿيڻ گهرجن، جنهن ذريعي ان نظام کي به ختم ڪرڻو آهي، جنهن عوام جي عزت نه ڪئي ۽ انهن جو رت به چوسيو ويو. سندس چوڻ هو ته منهنجو موقف ملڪ جي ٻين حصن ۾ به پهچي رهيو آهي، عوام ووٽ جي عزت بچائڻ لاءِ جنگ وڙهندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *