اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن جا نتيجا جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سينيٽ چونڊ 2018ع جا نتيجا جاري ڪري ڇڏيا آهن، جنهن موجب سينيٽ ۾ ن ليگ جي حمايتي اميدوارن جو انگ 33 ٿي ويو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نتيجن موجب ن ليگ جي حمايتي اميدوارن جو انگ 33 ٿي ويو آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي 20 سيٽن سان ٻئي نمبر تي ۽ پي ٽي آءِ 12 سيٽن سان سينيٽ ۾ ٽين پوزيشن تي آهي. اليڪشن ڪميشن موجب سينيٽ جون 15 سيٽون آزاد اميدوارن وٽ آهن، ايم ڪيو ايم 5، جمعيت علماءِ اسلام ف 4، نيشنل پارٽي ۽ پختونخواهه ميپ جون به سينيٽ ۾ 5-5 سيٽون آهن. اليڪشن ڪميشن جي نتيجن موجب ف ليگ ۽ اي اين پي جي سينيٽ ۾ هڪ – هڪ سيٽ آهي، جڏهن ته جماعت اسلامي ٻه ۽ بي اين پي مينگل هڪ سيٽ کنئي. واضح رهي ته چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين لاءِ ڪنهن به پارٽي کي گهٽ ۾ گهٽ 53 ووٽ گهربل آهن، جنهن لاءِ سياسي جوڙ توڙ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *