ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان ٻن ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو آهي. ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته موجوده حڪومت وٽ باقي 3 مهينا رهيا آهن، حڪومت وٽ مينڊيٽ ناهي جو اها پي آءِ اي جي نجڪاري ڪري.عمران خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته ادارا ملڪ جا اثاثا هوندا آهن، دنيا ۾ ڪٿي به قومي اثاثن جي نجڪاري نه ڪئي ويندي آهي، ادارن جي نجڪاري سوچي سمجهي ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته شريف فيملي جي اسٽيل مل منافعو ڪمائي ٿي پر پاڪستان اسٽيل مل بند پئي آهي جنهن جي بند ٿيڻ جو سبب ڪرپشن آهي. عمران خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته انشاءَالله ايندڙ حڪومت تحريڪ انصاف جي هوندي، پي آءِ اي مان سياسي مداخلت ختم ڪنداسين، پي آءِ اي کي نمبر ون ايئر لائين بڻائينداسين.هن چيو ته ايمانداري سان ادارا هلايا وڃن ته نجڪاري جي ضرورت نه پوندي آهي، خيبر بئنڪ کي ميرٽ تي هلائي رڪارڊ فائدو ڪمايو، اسان خيبر بئنڪ جي نجڪاري نه ڪئي.