سينيٽ چونڊن لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبرن جون ٻوليون لڳڻ جو انڪشاف

ڪراچي (م ڊ) سينيٽ چونڊن لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبرن جون ٻوليون لڳڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن کان پوءِ ايم ڪيو ايم جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ديوان چند چائوله ٻوليون لڳڻ جي تصديق ڪندي چيو ته ووٽ خريد ڪرڻ لاءِ مون سان رابطو ڪيو ويو. ديوان چند چائوله چيو آهي ته مڊل مينز ذريعي مون سان ووٽ خريد ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، پارٽي کي مڊل مين طرفان آڇ کان آگاهه ڪري ڇڏيو، مختلف مڊل مينز 2 ۽ 4 ڪروڙ ووٽن عيوض آڇ ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کان مطالبو آهي ته ڳُجھي راءِ شماري ختم ڪرائي وڃي، ڳُجھي راءِ شماري ٿي ته گھڻائي ميمبر پنهنجو ووٽ وڪڻي ڏيندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *