ڪرپشن ريفرنس، شرجيل ميمڻ ۽ ٻين جي ضمانت واري درخواست مسترد

ڪراچي (اين اين آءِ( سنڌ جي اطلاعات کاري ۾ 5 ارب 76 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جي ريفرنس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ شرجيل ميمڻ سميت ٻين ملزمن جون ضمانت واري درخواستون مسترد ڪري ورتيون. ان ريفرنس جي تحت گرفتار ملزم ۾ اڳوڻي صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ، ان جي فرنٽ مين عمر شهزاد، گلزار علي، سابق سيڪريٽري اطلاعات ذوالفقار شلواڻي، سارنگ لطيف، سلمان منصور ۽ ٻيا شامل آهن نيب پاران تيار ڪيل ريفرنس ۾ ملزمن تي اطلاعات کاتي ۾ 5 ارب 76 ڪروڙ رپين جو ڪرپشن جو الزام آهي. ريفرنس ۾ هڪ ملزم رياض منير ضمانت تيآهي جڏهن ته انيتا بلوچ کي اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي ريفرنس ۾ 15 ملزم جيل ۾ آهن. واضح رهي ته شرجيل ميمڻ سميت سمورن ملزمن کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *