اسلام آباد(بيورو) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اختلافي ڌڙن جي سربراهن فاروق ستار ۽ خالد مقبول صديقي وچ ۾ معاملا طئي ٿي ويا. اسلام آباد ۾ خالد مقبول سان گڏ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي فاروق ستار جو چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم جي سينيئر اڳواڻن وچ ۾ ڪجهه عرصي کان عجيب صورتحال بڻجي آهي پر ان دوران مصالحت ۽ ڳالهه ٻولهه جو سلسلو به هلندو رهيو ۽ انهيءَ ڳالهه ٻُولهه جي نتيجي ۾ سينيٽ جي اليڪشن واري معاملي تي اميدوارن لاءِ اتفاق راءِ ٿي ويو آهي. فاروق ستار چيو ته سينيٽ جي سيٽن لاءِ 5 نالن تي اتفاق راءِ طئي ٿي وئي. فاروق ستار چيو ته سينيٽ چونڊن لاءِ جنرل سيٽ تي بيرسٽر فروغ نسيم ۽ ڪامران ٽيسوري ايم ڪيو ايم جا اميدوار هوندا جڏهن ته ٽيڪنوڪريٽ سيٽ لاءِ عبدالقادر خانزاده، عورتن جي سيٽ لاءِ نگهت شڪيل ۽ اقليتي سيٽ لاءِ سنجي پرواڻي جي نالن تي اتفاق ٿي ويو آهي. فاروق ستار جو چوڻ هو ته اسان اهو نٿا چاهيون ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جو ووٽ بينڪ روهائجي ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته اسان گڏجي رهون. هن چيو ته اسان کي يقين آهي ته ايندڙ مرحلي ۾ رابطا ڪميٽي جو معاملو به طئي ڪنداسين. ان موقعي تي خالد مقبول صديقي جو چوڻ هو ته اسان جو اصولي موقف آهي ته اسان طرفان سينيٽ چونڊن لاءِ جنرل سيٽ تي بيرسٽر فروغ نسيم جڏهن ته فاروق ستار جو اميدوار ڪامران ٽيسوري هوندو.